شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور ويجھو جھانواھ واھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دريا خان ڀيو ۾ بي درديءَ سان قتل ڪيل ٻن عورتن فاطمه ۽ نانا خاتون ڀيو ۽ ٻن مردن نويد ۽ نصير ڀيو سميت چئن ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي، جھانواھ ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول عورتن ۽ مردن جا وارث فرياد کڻي نه آيا آھن جيئن ئي مقتول ڌر جا وارث ٿاڻي تي آيا ته بنا دير جي ڪيس داخل ڪيو ويندو، ھوڏانھن علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۽ خوف واري صورتحال برقرار آھي. جھانواھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ربنواز مارفاڻي جي ظريف مارفاڻي، عبدالرحمان مارفاڻي ڌر پاران گذريل ڏينھن ڀيا برادري جي قتل ٿيل ٻن عورتن ۽ هڪ نوجوان کي قتل ڪرڻ جي الزام کي رد ڪندي چيو آھي ته اسان عورتن ۽ نوجوان کي قتل نه ڪيو آھي، باقي رات نصير ڀيو کي اسان ماريو آھي، وڊيو بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته جيڪڏهن اسان جي گهرن تي پوليس ڪارروائي ڪئي ته اسان جو رخ جاڳڻ طرف هوندو، ظريف مارفاڻي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو آھي ته جيڪڏھن اسان جا گھر ڊاھيا ويا ته جاڳڻ شھر ۾ 10 گولا فائر ڪندس، اوھان کي ايندڙ ڏھن ڏينھن ۾ ٻڌائينداسين ته اسين ڇا آھيون، ياد رھي ته ڀيو -مارفاڻي تڪرار تان ٻنھي ڌرين جا 11 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن، ٻن عورتن سميت 8 ڀيو برادري جا قتل ٿي چڪا آھن، جڏھن ته 3 مارفاڻي برادري جا مقتولن ۾ شامل آھن، ڪجھه عرصو اڳ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو جي مامي ۽ مارفاڻي برادري ڌرين ۾ چوري جي معاملي تان جھيڙو شروع ٿيو ھو.