اشو آف دي ڊي … سج صفا هيٺ لهي آيو آهي: گرمي وڌي وئي، بجلي به بند: عوام جون سوشل ميڊيا تي دانهون

0
26

 گرمي وڌڻ تي ماڻهن پاران سوشل ميڊيا تي به دانهون ڪيون ويون، پنهنجي پنهنجي شهر جي صورتحال بيان ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ اشفاق آذر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻاهر ڄڻ ڪو باهه اوڳاڇيندڙ تنور آهي، ڪراچي کان ٻاهر الائي ڇا صورتحال آهي؟ جنهن تي رزاق بجير لکيو ته سلام ڪوٽ ٿر ۾ به اصل سج باھه وسائڻ لڳو آھي. انعام الله شيخ لکيو ته منهنجي ناني لاڙڪاڻي جي گرمي ڏسي چوندي هئي “باهه باهه باھه” اڄ حيدرآباد جي گرمي ڏسي مان به ايئن ئي ٿو چوان. سرمد ادل سولنگي لکيو ته اسان وٽ بکو ديرو/باقراڻي/ لاڙڪاڻي ۾ اھڙي صورتحال تي چوندا آھن ” صفا تتو پيو آ” علي ميمڻ لکيو ته لڳي ٿو اڄ سج صفا هيٺ لهي آيو آهي… تمام گهڻي تپش آهي. مٿان وري بجلي به گم آهي، سجاد مهر لکيو ته سانئڻ ڇو ٿي ويندي آهين، جون ۾ ٻرندڙ سکر وانگي، اياز گل جي هنن سٽن جهڙيون حالتون جُون کان اڳ ۾ وارد ٿيون آهن…. نهال ڪمار لکيو ته حيدرآباد ۾ تمام گهڻي گرمي آهي،  مصطفيٰ اياز مهيري لکيو ته باھ پئي ٻري، محسن ملاح لکيو ته محرابپور ۾ به ساڳي صورتحال آهي، روشن ڪنراڻي لکيو ته جيڪب آباد ۾ پارو 45 تي آهي، ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي لکيو ته 50ڊگري لاڙڪاڻو. غازي بجير لکيو ته باھ پئي ٻري، سخت گرمي ۽ قهر جي تپش آهي. عابد لاشاري لکيو ته ساڳي صورتحال آهي، مصطفيٰ ناگراج لکيو ته سکر ٻري ٿو، حسام ميمڻ لکيو ته شڪارپور اچو ته اهو تنور به وسري ويندو، زاهد راڄپر لکيو ته تنور جي جاءِ ناھي، امر لاشاري لکيو ته اسان وٽ جوهي ڪاڇي ۾ ته ظُلم آهي  مُنهن ئي سڙيو پيو وڃي، قبول رضا شاهه لکيو ته عمرڪوٽ ۾ به ٻاھر 2 منٽ به بيھي نٿو سگهجي گرمي آئي ئي ڪلھه کان آھي اڄ ڪالهه کان به زور آهي منهنجي خيال ۾ ويڪيشن مئي جون ۾ ٿيڻ گهرجي جولائي ۾ ته خوشگوار موسم ھوندي آھي مينهن ضرور ھوندا آھن تپش وري سيپٽمبر ۾ (ڪتي جا ڪاڙھا) ٿيندي آهي (15 /20 ڏينهن خاص ڪري) پر مئي جون کان ڪجھه گھٽ ھوندي آھي، ڄام فتاح سميجو لکيو ته جيڪب آباد ڪنڌ ڪوٽ گھوٽڪي سکر تمام گهڻي گرمي آهي، عابد نياز لکيو ته شڪارپور ۾ گهڻي گرمي آهي، خواجه نياز محمد به صورتحال ٻڌائي، عاجز سرگاڻي لکيو ته رب رحم ڪندو جنوري جون ٿڌون ڏسي ڪيترا دوست دانهون به ڪن پيا سياري کي پاراتا به ڏين پيا جيڏو سي پوي مان خوشي ۾ ماپان ئي نه پيو، جو سيارو منهنجي پسند جي مند آ باقي گرمي۽ تپش ته هتي به وڏي آ راڌڻ ۾، عبدالجبار چانگ لکيو ته ھنڱورجا ۾ ھن وقت 46 ٽيمپريچر ۽ لنڱ ساڙيندڙ ھوا پئي لڳي، ونود اداسي لکيو ته رب پاڪ رحم ڪري باقي ڳالھه ڳري آھي ، اسان وٽ راڄوخاناڻي ۾ به تمام گھڻي لڱ ساڙيندڙ گرمي آھي، برفت اصغر لکيو ته واٽ ھئي تنور پچي پھتاسين، سمير الطاف منگي لکيو ته شڪارپور ۾ به گرمي آهي، مهدي حسن پنهور لکيو ته شهدادپور ضلع سانگهڙ جي ساڳي صورتحال آهي، محمد بخش لکيو ته ساڳئي صورتحال آهي ڪوھستان جي وادي تونگ شريف ۾ به ڏاڍي گرمي آهي، اياز ڏاهري لکيو ته هر پاسو تتل آهي، انور خان مهر لکيو ته شڪارپور جو چڪر لڳائي ڏسو اندازو ٿي ويندو، لياقت علي کوسو لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ به وڏي گرمي آھي، علي خان مهيري لکيو ته حيدرآباد بٺي وانگر پئي ٻري، عالم پالاري لکيو ته ڪوهستان ۾ جبل به ٻن ڏينهن کان لڪ جهولا لڳڻ سبب شعلا پيا نڪرن، نعمان جمالي لکيو ته نواب شاهه ۾ صفا سج لٿل آ، مير بلوچ لکيو ته حيدرآباد جا اگھه پنجيتاليھه ڊگري تي آھن سج صفا گئلريءَ ۾ لٿل آھي، مهراڻ ڌامراهو لکيو ته لاڙڪاڻي وارن جو دوزخ ۾ حصو پتي آ، عبدالعزيز سومرو لکيو ته حيدرآباد ٻري پيو، اياز منگي لکيو ته شڪارپور ۾ سج پنھنجي جوڀن تي آھي، ماجد، عبدالسلام انڙ، محب علي ڪڪري، محمد شريف، سيد فيصل فيض ڪاظمي به گرمي جون دانهون ڪيون، انجم قاضي لکيو ته نئون ديرو ۾ گرمي ڏسندي محسوس ٿي رهيو آهي ته ڌرتي چڪر ڪاٽيندي دوزخ جي ويجهو پهچي ويا آهيون، انيل ڪمار لکيو ته ڪنري ۾ به لڱ ساڙيندڙ گرمي آھي، منير حسين پنهيار، گل حسن چانڊيو، ايم رشيد ابڙو به ردعمل ڏنو، صوفي نارائڻ ڪرماڻي لکيو ته ھن وقت ٻھراڙي جي اسڪولن جي حالت تمام گهڻي رحم جوڳي آهي جتي ننڍڙا معصوم ٻار اسڪولي ڪمرن ۾ جتي نه بجلي آهي نه پاڻي آهي نه ڪو رستو ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري اسڪول اچن ٿا ۽ واپس پيدل گرمي ۾ پنهنجن ڳوٺن ڏانهن وڃن ٿا ٿورو سوچي ڏسو، علي نظاماڻي لکيو ته انور قمبراڻي چوندو ھو لـڪي ڀـڄي وڃو سڀ يارو، اڄ قيامت جو آ نظارو، آ زمين تي لـٿو آفتاب، عبدالخالق سولنگي لکيو ته صحت لاءِ اھو تنور ضرور آھي. فٽندا چانور ڇاھيون گدرا جام، خارڪن انبن جو به سرور آھي، شبير احمد قريشي لکيو ته صبح کان هڪ منٽ لاءِ به ٻاهر نڪري نه سگهيو آهيان، ميڪش سومرو لکيو ته اسان دادو ۽ موري وارا ته دوزخ کي ويجھا آھيون، دليپ ڪمار، ارشاد احمد، صفدر علي ابڙو به گرمي جون دانهون ڪيون، شبير شر لکيو ته ھتي سکر ۾ ماڻھون انب کجون ۽ ماڻھون ٽيئي گڏجي پچن پيا، ربنواز کوسو لکيو ته قمبر ۾ به ساڳي صورتحال آهي، امجد علي لکيو ته  ميرپورخاص ۾ به تمام گهڻي گرمي آهي… اصغر ملاح لکيو ته خيرپور جي به ساڳي صورتحال آهي، واجد ميراڻي لکيو ته سکر ۾ روڊن تي باھ پئي وسي، راشد لطيف، ناصر گل قاضي، مورڙو مهر، زاهد نون به گرمي جون دانهون ڪيون، شبير لغاري لکيو ته اسان ٽنڊي باگي وارا مزي سان ويٺا آهيون، احسان جوڻيجو لکيو ته لاڙڪاڻي واري پاسي ان کان ٻيڻي باھه آهي، معصوم بخاري لکيو ته راڌڻ ۾ رڻ ٿو ٻري، رياض سولنگي لکيو ته فيض گنج به ٻري ٿو پيو الله سائين رحم ڪري سج جي تپش ايتري آهي جيڪڏهن ڪپڙو پاڻي ۾ پسايون به ٿا ته 5 منٽن ۾َسڪي وڃي ٿو، عبدالغفور لکيو ته تمام ساڙيندڙ جهولو آهي، مزورن ۽ پورهيتن جو احساس ستائي ٿو. لياقت لطيفي لکيو ته سخت گرمي آھي، قاسم ڪيهر لکيو ته لاڙڪاڻي شھر ۾ سنڌ حڪومت سينٽرل اي سي هڻائي ڏني اٿئون. شهر ۾ گهمون ٿا ته مصنوعي برسات جون ڪڻيون به پون ٿيون. ڄام غلام اصغر لکيو ته ڪراچي کان وڌيڪ گرميءَ ڪشمور ۾ آهي، خادم حسين ٻٻر لکيو ته ڪوٽڙي به ائين ئي آهي، منيش لکيو ته ڄامشورو به بَٺي لڳو پيو آھي، ڪاشف سيال لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ به ڌرتي ٽامو آھي. سج سوا نيزي تي  ۽ ڪانو جي اک پئي نڪري. شير محمد سولنگي لکيو ته ڪراچي کان ٻاھر ته سرن جو بٺو پيو ٻري ميرپورخاص ته تپي صفا باھه ٿي ويو آھي، امر کهاوڙ لکيو ته ڏينھُن تپي ٿيو باھِه، جھڙوڪر سرڪار جئن، سجُ به ڏمريو آھِ  (ا. ک) اصل گھوٽڪي ۾ ته اھڙي حالت آھي، وفا برهماڻي لکيو ته جوھي ۾ به گرمي ٺيڪ ٺاڪ آھي بجلي جو ھتي وڏو بحران آھي، سوهو عمران علي لکيو ته ٽنڊوڄام شهر ۾ به ساڳي صورتحال آهي، عبدالله ملاح لکيو ته لاڙ واري پاسي سامونڊي ھوائن جي ڪري شام رات ۽ صبح مان وڏي ٿڌڪار ھوندي آھي باقي 10 کان 5وڳي تائين ساڳيو حال آھي اسان وٽ گرمي ۽ٻوسٽ جو سامونڊي ھوائون زور ٽوڙين ٿيون ھن وقت ھن مھل سخت ترين گرمي آھي. دليپ آزاد، ارشاد رانجهاڻي، سيف الله بوزدار، منير راڄڙ، لال خان شر، سيف الله جرنلسٽ، ممتاز علي، امين ڦلپوٽو، محمد اڪرم جوکيو، انور لغاري، جاويد ڀرٽ، ساجد علي، عرفان علي جوڻيجو، ظفر علي، نظير احمد ميراڻي، الطاف حسين، علي اڪبر، شهاب الدين سومرو، فضل اصغر، محمد رمضان ملاح، تنوير سومرو، الله بخش ڀنڀرو، اياز حسين، عمران سروهي، سڪندر رضا سرڪي، محمد علي نوناري، الهرکيو سيال به گرمي جون دانهون ڪيون.