دل جون ڳالهيون!

مان پنهنجي رانديڪن جي دڪان ٽواءِ شاپ، شاپ وڏي ٽواءِ گھٽ بهرحال دڪان تي بوريت کان تنگ ٿي پنهنجي دوست کي ڪال ڪيم، پڇيومانس ته ڪھڙا حال آهن دوست، اڄ ڪلهه ڇا ٿا ڪيو؟ جنهن تي ھن ورڻايو ته ڪھڙا حال ٻڌايانءِ روشن داس مھانگائي، بيروزگاريءَ ذھني سڪون کسي ورتو آهي نه دوستن سان گڏ ڪاڏي گھمڻ ٿا وڃي سگھون ۽ نه وري ڪنهن سان دل جون ڳالهيون ٿا ڪري سگھون، مزدوري مان به پورت ڪانه ٿي ٿئي، ڏھاڙي 700 سو آهن ته شام جو ڪريانا جي دڪان جو بل 1500 سو آهن، مطلب ته اٺ سو وڌيڪ، اھي سڀ ڪجهه ٻڌي اڳتي ڪجهه چوڻ جي ھمت ئي ڪانه رهي، سوچيم ته منهنجي به ته اھائي حالت آهي، دوست بهرحال مختصر ڳالهه ٻولھ کان پوءِ کڻي ڪال بند ڪيم، ساڳئي بوريت برقرار رهي ۽ ويتر پريشاني وڌي وئي. بوريت ۽ پريشانيءَ مان نڪرڻ لاءِ سوچم ته ڪجهه لکان پر ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ڪھڙي موضوع تي لکان؟ پوءِ سوچيم ته ڇو نه پنهنجي حال تي ئي لکجي ڇو ته منهنجو به رانديڪن جو دڪان آهي، سامان گھٽ ھجڻ ڪري نه پنهنجو ٿو خرچ نڪري نه ئي وري دڪان جي مسواڙ، ڪڏهن ڪڏهن مان ان سوچ ۾ اچي ويندو آھيان ته من ڪو معجزو ٿي پوي، ڪو فرشتو اچي خواهش پوري ڪرڻ وارو پــٿر ڏي جنهن کي کڻي جيڪا شيءِ گهرجي اھا ملي وڃي يا وري جي ڪي رولنگ جيان ڪو اھڙو ناول لکجي جو راتو واهه سپر اسٽار بڻجي وڃان! خير اھي ته آهن ابتيو سبتيو ڳالهيون جيڪي دل وندرائڻ جي لاءِ ذهن ۾ اچي رهيون هيون، حقيقت ته رات جو کٽ تي سمھي اڌ رات تائين موبائيل فون تي گوگل سرچ ڪري يا پراڻا مئگزين پڙهي ۽ ڪڏهن جيڪي چن ۽ ھيري پوٽر سيريز جون فلمون ڏسي رات گذري وڃي ٿي پر وري صبح جو ساڳيو ئي رانديڪن جو اڌ خالي دڪان! ساڳئي سوچ ساڳئي بوريت، بيچيني، غريبي حال، ڪنهن معجزي جو انتظار زندگي مان سڪون  ئي نڪري ويو آهي. واقعي دل جون ڳالهيون ڪنهن کي ٻڌائجن؟ خير ڏکيو وقت آهي گذري ويندو ۽ نيٺ ته بوريت ختم ٿي ويندي، ڪڏهن ته دوستن سان گڏ گھمڻ وينداسين دل کولي ڪچھريون ڪنداسين، بس ان ڏينهن جو انتظار آهي.

روشن داس/مهيسر وڏا

3 مئي، صحافت جي آزاديءَ جو عالمي ڏهاڙو!

سموري دنيا ۾ 3 مئي آزادي صحافت جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويو، حق سچ جي راھ تي قربان ٿيندڙ انھن صحافين جن قلم جي سر بلندي لاءِ سرن جا نظرانا ڏئي صحافت کي پنھنجون حياتيون ڏنيون ۽ صحافت جي عظمت جو سر بلند رکيو، صحافت جي عالمي ڏينھن تي انهن کي سرخ سلامت پيش ڪيون ٿا، دنيا ۾ آزاد غير جانبدار صحافت جو مقابلو عروج تي آھي، ٻئي پاسي صحافت کي جانبدار ڪرڻ لاڙو به عروج تي آھي، صحافت جي اوڻائي به اھائي آھي ته صحافت ڪڏھن خاموش نٿي ٿي سگھي، صحافت کي ڳالھائڻ آھي ۽ ترت ڳالھائڻو آھي، اڃا ڪاميابيءَ جون دعوائون خوف جون علامتون تعجب جا پڙاڏا ھوا ۾ ھجن ته صحافت کي ڳالھائڻ گھرجي، سچ جي راھ تي شھيد ٿيندڙ صحافين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪٿي سيمينار ته ڪٿي تقريبون ڪوٺايون ويون پر افسوس ته حڪومت طرفان صحافين لاءِ ڪو به پيڪيج جو اعلان نه ڪيو، سنڌ جا صحافي اڄ به بي يارومددگار آھن، صحافت اڄ به زرد دور مان گذري رھي آھي. سرڪار طرفان صحافين کي ڪي به مراعاتون نه ملڻ ڪري صحافي معاشي بحران جو شڪار آھن، صحافي بنا اجوري جي ڏينھن رات عوام کي ھر خبر کان باخبر رکن ٿا، چاھي ڏينھن ھجي يا رات، گرمي ھجي يا سردي، ان جي پرواھ نه ڪندي پنھنجي پيشي سان سچائي جو ثبوت ڏئي ٿو. ايتري قدر جو ان کي ماني کائيندي اطلاع ملي ٿو ته فلاڻي ھنڌ واقعو يا حادثو ٿيو آهي ته هو ماني اڌ ۾ ڇڏي واقعي واري ھنڌ پھچي ڪوريج ڪري ادراري ڏي خبر موڪلي ٿو پر جڏھن صحافين تي ڏکيو وقت اچي ٿو ته ان جو ادارو به ان جو ساٿ نٿو ڏئي، جڏھن صحافي بيمار ٿئي ٿو ته ان جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي، صحافي قلم جو مزدور آھي، ان وٽ ايتري ملڪيت ناهي ھوندي ته پنھنجو علاج ڪرائي سگھي. اڪثر صحافي جڏھن بيمار ٿيندا آھن ته غربت سبب سندن يا سندن ابي امڙ ۽ اولاد جو علاج نه ٿيڻ ڪري بيماري جي بستري فوت ٿي ويندا آھن، جنھن جو سبب غربت آهي،  جيڪي  نام نھاد صحافين تنظميون صحافين کي حقن ڏيارڻ لاءِ ٺاھيون ويون آھن اھي صحافين کي لاڀ نه ڏئي سگھيون آهن، صحافي تظيمن جي نالي تي فنڊ ھڙپ ڪري رھيون آھن، چند انھن صحافين جي جيڪي سندن چيلا آھن، انھن جي مالڪي ڪن ٿا باقي ورڪنگ جنرلسٽ جي ڪٿي مالڪي ناهي اھي اڄ به بي يارومددگار آھن، خاص ڪري سنڌ جي ننڍن شھرن جا صحافي مالي حوالي سان پريشان حال آھن، سندن حڪومت توڙي نام نھاد تنظيمن پاران ڪابه واھر نه ٿي ٿئي، ننڍن شھرن جي پريس ڪلبن جي مراعتن جي صحافي تنظمين جي اڳواڻن ڪڏھن به ڳالھ ناھي ڪئي صرف صحافي تنظيمن جا اڳواڻ سڏائي پنھنجا مفاد حاصل ڪيا آھن ھن دور ۾ صحافت ڪرڻ اڀن ڪاون مٿان پير رکڻ برابر آھي، حق سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ ڪيترائي قلم ڌڻي قتل ڪيا ويا، ڪيترن ئي تي ڪوڙا ڪيس داخل آھن پر سچا صحافي خاموش نٿا ويهي سگھن. قانون ۽ ضابطن تي عمل ڪرائندڙ ادارو پيمرا ۽ صحافي تنظيمن جي اڳواڻن کي اڳتي اچڻ گھرجي.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

پاڪستان اسٽيل

ملز جي نيلامي!

(حصو ٻيون)

مٿي ڏنل معلومات کان سواءِ به آيل خبرن موجب وفاقي حڪومت پاران اسٽيل ملز جي زمين تي ايڪسپورٽ پروموشن زون جو پڻ قيام ٿيو آھي، جنهن بابت جڏهن سنڌ حڪومت جي موقف کي معلوم ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت اهڙي عمل تي ڪو اعتراض پڻ ناهي واريو ڇو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي زمين بنيادي طور سنڌ حڪومت جي ملڪيت آھي، اهڙيءَ طرح مالي سال 2017ع ۾ پاڪستان اسٽيل ملز 7.45 ارب رپيا ڪمايا. 2 مئي 2023ع تي پي ايس ايم جي ڪل اثاثن جي ماليت پڻ 838.66 بلين رپيا ٻڌائي وئي آھي جنهن ۾ 751 بلين رپيا ملڪيت شامل آھي، جنهن ۾ 1700 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين هزارين گهر ۽ ڪيترائي ٻيا پلاٽ آھن، جڏهن ته اطلاع اهي به مليا آھن ته اسٽيل ملز جي 2000 ايڪڙ زمين تي قبضو ٿي وڪرو ٿي چڪي آھي، انتهائي ويجهن ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آھي ته 930 ايڪڙ زمين قومي خزاني کي منظوري ملي چڪي آھي، هن سموري ملڪي معاشي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ پاڪستان اسٽيل ملز جهڙي قومي ميگا صنعتي اداري کي بهتر ڪرڻ بجاءِ نيلام ڪرڻ سمجھ کان ٻاهر آھي. پاڪستان جو هي واحد قومي صنعتي ادارو آھي جيڪو اسان جي تعميراتي صنعت ۾ بهتري آڻي سگهي ٿو يا آڻڻ جي سگھ رکي ٿو، ان جهڙو ادارو قومي سطح تي پڻ پرائيويٽ ادارن وٽ به ڪونهي ۽ نه ئي ٻيو ڪو ٺھي سگهي ٿو. ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ملڪ جي معاشي مسئلن جي حل لاءِ هي ادارا پاڪستان اسٽيل ۽ پي آءِ اي بجاءِ نيلام ڪرڻ جي انهن کي بهتريءَ ڏانهن آڻڻ جي ڪوشش وورتي وڃي. هي ادارو پاڪستان جي رياست جي ملڪيت واري ڪمپني آھي جيڪا ملڪ ۾ ھڪ ڊگهي رولڊ اسٽيل ۽ ڳري ڌاتوءَ جون چار شيون پيدا ڪندڙ ادارو آھي. هي ادارو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سويت يونين جي سهڪار ۽ مهربانين سان تيار ڪيو ويو. هي ملڪ جو وڏو صنعتي ڪمپليڪس هجڻ سان گڏوگڏ وسيع پئماني تي تعمير ٿيل آھي، جنهن جي تعمير ۾ 1.29 ملين مڪعب ميٽر ڪنڪريٽ استعمال ٿيل آھي. ان کان سواءِ هن صنعتي ڪامپليڪس ۾ لڳ ڀڳ 330,000 ٽن ڀاري مشينري، اسٽيل جي اڏاوت ۽ بجليءِ جي سامان تي پڻ هي صنعتي ميگا ڪارپوريشن مشتمل آھي. پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ وزيراعظم شوڪت عزيز PSM کي پرائيويٽائيزيشن پروگرام تحت اسٽيل ملز کي پرائيويٽائيزيشن ڪري عالمي خانگي ملڪيت ۾ آڻڻ جي تڪراري ڪوشش پڻ ڪئي وئي.(جاري)

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

حڪومتي غلط پاليسين سبب بارداڻي لاءِ دربدر ٿيندڙ هاري!

سنڌ ۾ هن وقت ڪڻڪ جو فصل مڪمل طور تي لهي چڪو آهي پر تنهن جي باوجود هارين کي سرڪار پاران بارداڻو ناهي ڏنو ويو جنهن جي ڪري هو پنهنجي ڪڻڪ مجبورن ٻاهر ويٺل واپارين کي 28 کان 29 سو رپيا في مڻ وڪرو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 4000 رپيا مقرر ڪيو ويو هو پر تنهن باوجود حڪومت جا ڪرپٽ آفيسر غريبن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ بجاءِ وڏيرن ۽ ڀوتارن کان سرڪاري اگهه 4 هزار رپيا مڻ جي حساب سان ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته غريب ماڻهو اي سي ۽ ڊي سي آفيس جا چڪر ڪٽي ڪٽي مجبور ٿي وڃي پنهنجي ڪڻڪ 28 يا 29 سو رپيا مڻ جي حساب سان منافعي خور واپارين کي ڏئي رهيا آهن جنهن سان هنن جا خرچ به پورا نٿا ٿين. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي جو اسان وٽ هاري کي ته فصل جو صحيح ريٽ نٿو ملي پر واپاري ۽ ٻيا آفيسر ۽ ڪامورا ان مان ٽيڻ يا پنجوڙ تي فائدو حاصل ڪرن ٿا جيڪو هارين سان غلط نه پر ظلم آهي، اسان جي اعليٰ عدالتن کي گهرجي ته انهن ڪارين رڍن خلاف ايڪشن کڻي جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ هارين پاران بارداڻو نه ملڻ خلاف داخل ڪرايل پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ڊي ايف سي کي حڪم ڏنو ته اڄ جي ڏينهن ۾ هارين ۽ آبادگارن کي بارداڻو ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ اوهان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ايئن ئي ٻين عدالت کي گهرجي ته هارين تي ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي انهن ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

آصف علي/ سکر

انسان جو اخلاق وڏي اهميت رکي ٿو‎!

انسان کي رب پاڪ ٻن  ڳالهين ۾ حيوانن کان جدا ۽ افضل بڻايو آهي، انهن مان هڪ اها زبان آهي جنهن سان ماڻهو ڳالهائي ٻولهائي پنهنجي دل جو مطلب پاڻ جهڙي ٻئي ماڻهو کي سمجهائي ٻڌائي سگهي ٿو، ٻيو آهي انساني دماغ جنهن کي عام ٻولي ۾ “عقل سليم” چئبو آهي، ان عقل جي زور تي انسان ڪي نيون ۽ انوکيون ڳالهيون سوچي ۽ سمجهي ٿو، حق کي ناحق کان نيڪي کي بدي کان چڱائي کي بڇڙائي ۽ برائي کان جدا ڪري سگهي ٿو. اخلاق منجهان مطلب آهي اهي بهترين اخلاقي تصورات، اوصاف ۽ اصول جن تي هڪ پاڪيزه افساني زندگي ۽ هڪ صالح معاشري جو بنياد رکيل هجي نه صرف اسلام پر دنيا جو هر مذهب اخلاق جي تعليم ڏي ٿو. اخلاق کان سواءِ انسان هڪ جانور کان به بدتر آهي، انسان کي اشرف المخلوقات جي عهدي تي فائز ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن ڪو انسان اخلاق کي ڇڏي ٿو ڏي ته اهو بلندي کان ڪري پستي ۾ وڃي پوي ٿو. اخلاق، خلق جو جمع آهي، جنهن جي معني آهي عادت يا لڇڻ، انسان تڏهن ئي ٻين جاندارن کان افضل ۽ اعليٰ ٿي سگهي ٿو، جڏهن اخلاق حميده جو مالڪ هجي، پنهنجن ۾ پراون ۾ اندرين ٻاهرين ۾ ملڪين غير ملڪين انسان پنهنجي اخلاق جي ڪري ئي هڪدم قابل ئي اعتماد بڻجي وڃي ٿو پر جيڪڏهن هو ان خوبي کان خالي آهي ته پوءِ قابل ئي نفرت بڻجي وڃي ٿو ۽ هرڪو هن کان پاسو ڪرڻ لڳي ٿو. اخلاق چند خوبين جو مجموعو آهي مجسم اخلاق اهو ئي آهي جنهن ۾ اهي خوبيون يعني ڪوڙ کان پاسو ڪرڻ، سچ ڳالهائڻ، ايمانداري سان هلڻ، دغا ۽ ٺڳي کان پري رهڻ، هر جاندار سان محبت ڪرڻ، وڏن جو ادب ۽ ننڍن سان پيار ڪرڻ ۽ هر ڪنهن کي پاڻ کان وڌيڪ سمجهڻ وغيره آهن، چڱي اخلاق جي ڪري ئي ٻار پنهنجي استادن، والدين ۾ هڪ ڪامياب انسان بڻجي ٿو.

ارسلان جاويد شر/ ٺري ميرواھه

بنيادي سھولتن کان محروم تعلقو تنگواڻي !

تعلقو تنگواڻي بنيادي سهولتن کان محرومي سبب پٺتي پيل آھي، جيڪي اھم بنيادي مسئلا جنھن ۾ گرڊ اسٽيشن، تعليم، روڊ رستن جي سھولتن سان گڏوگڏ جيڪو اھم بنيادي مسئلو آهي اھو صحت لاءِ ايمرجنسي جي سھولت ھڪ وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي، جنھن جي ڪري اسان جو تعقلو تنگواڻي پٺتي پيل ننڌڻڪو تعلقو آهي ھڪ ته ملڪ ۾ خطرناڪ قسم جون بيماريون وڌي ويون آهن، اسان جي تعلقي تنگواڻي ۾ خاص طور دل جي بيماري عام ٿي وئي آهي، ڪيترائي غريب مسڪينن دل جي بيماري سبب زندگيءَ جو جنگ ھاري ويٺا آهن پر ھتان جا چونڊيل نمائندا تعلقي تنگواڻي لاءِ ٻيون سهولتون مهيا ڪري به نه ڪري سگھيا آهن پر جيڪا ايمرجنسي وقت ڪنھن به خطرناڪ بيمارين جھن ۾ ھيپاٽائيس شگر دل جي خطرناڪ بيمارين لاءِ ڪو سرڪاري سيئنٽر به قائم نه ڪري سگهيا، جيڪا علائقي واسين جو بنيادي مسئلو آهي پي پي ايڇ آر سي سيئنٽر به نالي ماتر بڻيل آهي، جنھن ۾ ڪي ايمرجنسيءَ جا ڊاڪٽر ڇا پر بخار چيڪ ڪرڻ لاءِ ٿرماميٽر ۽ بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻ جي به مشينري موجوده ناهي، سرڪاري پراڻي دور جي ھڪ ايمبولينس به ھن وقت تائين خراب پيل ھڪ پراڻي ڀوت بنگلي ۾ ناڪارا ٿي بيٺل آهي، اسان جي بدقسمتيءَ سان صحت کاتو خاص طور سنڌ اندر سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي سينٽر قائم ھجڻ باوجود به ڪوس گھڙ بڻيل آهن، تنگواڻي تعلقي جي نالي تي ڪيترن ئي ڪامورن توڙي بااثرن پاران حڪومت کان صحت کاتي جون آيل اسڪيمون ھڙپ ڪيون ويون پر تعلقي تنگواڻي ان جي پسگردائيءَ لاءِ دل جو NICVD اسپتال قائم نه ڪري سگھيا، جنھن ڪري ڪيترائي ماڻهو دل جو دورو پوڻ سبب زندگي جي جنگ ھارائي ويا آهن، سنڌ حڪومت، پيپلزپارٽي سکر ۾ قائم ڪيل NICVD سھولت تنگواڻي کان پري ھجڻ ڪري سرد توڙي گرم موسم ۾ ماڻهو هرٽ اٽيڪ جي ڪري ايمرجنسي وقت بيماري ۾ جلد پھچي نٿا سگھن، تنھن ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته تنگواڻي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ NICVD سيئنٽر قائم ڪري تنگواڻي عوام لاءِ دل جھڙي خطرناڪ بيمارين لاءِ NICVD اسپتال قائم ڪئي وڃي جيئن غريب ماڻهو ھن خطرناڪ بيمارين کان زندگي بچائي سگھن.

مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي

ڄڻ  نظر لڳي وئي،

ھن ٿر جي بھارُن کي!

فطرت جو حسين ۽ جميل ۽ فطري طور تي شاھوڪار ترين علائقو ٿر  آھي جنھن جي سونھن جي سُندرتائن تي دنيا جا خوبصورت قوي ڪويتائون لکي ڀيٽائون پيش ڪن  ٿا، جتي ھڪ خوبصورت نظر، کن پل لاءِ ٿر جا سُندر منظر پسڻ خاطر بيھجي وڃي ٿي، اڃا ڪيميرا تي اک رکي ٿر جي چِلڪندڙ واريءَ جي چِلڪ کي لبن سان لائيندڙ سج کي فوڪس ڪرڻ وارو ھُئس ته منھنجي سماعتُن جي آڳر تي فطرت جي عظيم انڊلٺي رنگن واري شاھوڪار پکي مور جي ڪُوڪار پھتي، ڪنڌ ورائي نھاريم ته پوپٽ جي پنکڙين جا سمورا رنگ، ڪنھن مصور جي رنگين پينسلن جا چِٽَن جيان ٿر جي ريگستان ۾ نِروار بيٺل نظر آيا، جڏھن ڀر وٺي سندس رنگن جي دنيا جا چاڪليٽ ڪئميرا جي اک سان چوارئڻ جي ڪوشش ڪيم ته ڪجھ عجيب منظر نظر آيا، اندر جي عاشقاڻي ماحول ۾ وري ھڪ دم سُڪتو طاري ٿي ويو، فطرت جو ھي خوبصورت ۽ عظيم پکي“راڻي کيت” جي موذي بيماري جي ڀاڪر وڪوڙيل ھيو، ھڪ دم سندس ڀرسان وڃي ھٿڙن جي ڪشڪول ۾ آڻيندي سندس حياتي جون دعائون خيالي اُڏام ذريعي فطرت جي مالڪ حقيقي ڏانھن موڪلي ڇڏيم ۽ پوءِ سندم ذھن جي نديءَ تي سرمد سنڌي جون اُھي الاپيل سِٽون تري آيون “ڄڻ نظر لڳي وئي، ھن ٿر جي بھارُن کي” راڻي کيت جي بيماري سبب ٿر جي خوبصورت ريگستان کي فطري سونھن ارپيندڙ مور پکيءَ جي وجود ۽ آجپي سخت خطرو وڪوڙي ويو آھي، ھڪ سروي ۾ خبر پئي ته تقريبن ٿر جي سمورن ڳوٺن، وسندين ۽ واھڻ تي موت جو راڪاس، لامارا ڏيندي ڏٺو ويو آھي، جيڪو راڻي کيت جي بيماري جي ڀاڪر ۾ ڦاٿل مور پکين کي جھڙپون ڏئي ڳڙڪائيندو وڃي ٿو ۽ ايئن ٿر جي سندرتائن جا لابارا وجھندو وڃي ٿو. ڪارونجھر تي آئون اڪيلي وارا آلاپ الاپيندڙ مقامي ماڻھون ٻھراڙي وارا ڏس پتا ۽ پيناڊول، ڊسپرين ۽ پنسلين واريون سيون ھڻي فطرت جي ھن انمول شاھڪار جي زندگي جي بچائڻ جا جتن ته ڪري رھيا آھن پر سندن ساريون محنتون بيڪار بنجيو وڃن ٿيون، موت جو راڪاس فضائُن مان وار ڪندي ڪندي ٿر جي ڀِٽُن مان ڳوٺن مان وسندين واھڻن مان نه ڄاڻ ڪيترن مورن مُنڌيون لڻيو ھليو وڃي ٿو، ڪارونجھر، کارسر، اسلام ڪوٽ، مٺي، ڇاڇري سميت راجسٿان ٿر واري علائقي تائين ھن انڊلٺي رنگن وارن پکين جا لاش ۽ رنگين پر پکڙيل آھن، جنھن جو ڏک اندر ۾ وڍ وجھي ٿو. سنڌ ۾ باقي کاتن سميت وائلڊ لائف کاتو به لاڳيتو ڪُرسين تي بار بڻيل آھي، باقي عملي طور تي سندس ڪارڪردگي بلڪل سواليه نشان بڻيل آھي، فطرت جي ھن حسين حُسناڪيءَ کي بچائڻ لاءِ ڪا حڪمت علمي جوڙي انهن کي نسل ڪشيءَ کي بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سندس قربن ڀري ڪوڪار جي ٻڌڻ لاءِ سنڌ واسي توڙي عشق جا علمبردار قوي سڪي مرندا ۽ پوءِ ادب جي دنيا ۾ سونھن جي سندرتائن جا مثال ڏيندي ھي بيت ٿر جي ڀٽُن جي جھونگاريندا رهندا ته:

ويا مور مري، ھنج نه رھيو ھڪڙو،

انهن آکيرن تي ويٺا  چِٻ چڙھي،

وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو!

گل حسن خاصخيلي/ بکرجمالي موري

ڪاري ناري سم نالي جي کوٽائي ڪرايو!‎

گهوٽڪي ضلعي اندر تعلقي ميرپور ماٿيلو جي گڻگي کان شروع ٿيندڙ سم نالو (ڪارو نارو) جيڪو تعلقي خانڳڙهه ۽ تعلقي گهوٽڪي مان گذرندو ضلعي سکر اندر نارا ڪئنال ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو پر 2022ع ۾ هن ڪاري ناري سم نالي تعلقي خانڳڙهه جي يوسي ڀيٽور ۽ يوسي قاضي بادل سميت تعلقي گهوٽڪي جي يوسي صالح مهر کي ڏاڍو متاثر ڪيو جنهن ڪري گهوٽڪي ضلعي جا 30 کان وڌيڪ ڳوٺ سخت متاثر ٿيا، ڪاري ناري سم نالي جو سڀ کان وڏو مسئلو حڪومتي عدم دلچسپي ۽ ڪرپشن آهي جنهن جي ڪري هنن يوسيز کي ٻوڙيو. 2010ع جي مها ٻوڏ کان پوءِ گهوٽڪي ضلعي مان نڪرندڙ هن سم نالي تي ڪاغذي ڪارروائي ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ٿيا پر عملي ڪم نه ٿيو، جنهن جي ڪري 2022ع ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي، افسوس جو ايڏي وڏي تباهيءَ باوجود هن وقت تائين هڪ ٻه سال گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت ڪي به حفاظتي انتظام نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي وري سم نالي جي کوٽائي ڪرائي ٿي وڃي، جنهن جي ڪري هن علائقي جي رهواسين ۾ سخت بيچيني ۽ ڳڻتي واري صورتحال پکڙيل آهي، هن معاملي جو نوٽيس وٺي ڪارو نارو سم نالي جي وقت سر کوٽائي ڪرائي وڃي جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪنهن وڏي تباهي کان بچي سگهجي.

ذاڪر حسين مهر/ ڳوٺ عارب مهر، گهوٽڪي