تخريب، تشدد ۽ ‘9 مئي’

0
22
ٽڪراءَ ڏانهن وڌندڙ ادارا ۽ خطري جا وڄندڙ سائرن

هونئن ته سڄي دنيا جي سياست ۾ تشدد سڪا رائج الوقت وانگر هلي ٿو، پر ٻين ملڪن ۾ وري به ڪنهن حد تائين سياسي اخلاقيات جي پاسداري ڪئي ويندي آهي، پر اسان وٽ ته سياست ۾ ڇا جي اخلاقيات ۽ ڇا جا قدر؟ هن ملڪ جي سياست مار ڌاڙ سان ڀرپور ايڪشن فلم يا وري مارشل آرٽ جو نمونو لڳندي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي هما پکي جو جنهن جي سِر تي پاڇو پوندو آهي ۽ ان کي اختيارن جي هريڙ هٿ اچي ويندي آهي ته هو پاڻ کي پنساري سمجهندي پنهنجي سياسي حريفن تي ڌرتي تنگ ڪري ڇڏيندو آهي. مخالفن کي هيسائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان هڪ پيج تي هئڻ جا بيان ڏيندو آهي ۽ پاڻ کي حقيقي حڪمران سمجهڻ لڳندو آهي. سندس ذهن ۾ خوش فهميون آکيرا ٺاهي ويهي رهنديون آهن ۽ پوءِ ‘تختِ طائوس’ کان محرومي تي اهو ۽ ان جا ساٿي ‘9 مئي’ ڪندي دير ئي ناهن ڪندا. اڄ 9 مئي آهي، هڪ سال اڳ ٿيل بدترين تخريب ۽ تشدد جو ڏينهن، ففٿ جنريشن وار جو منطقي نتيجو. ان ڏينهن تي اهم ملڪي اثاثن، اسٽريٽجڪ اثاثن ۽ اهم جاين کي باهيون ڏيئي ساڙيو ويو هو، ڦرلٽ ڪئي وئي هئي ۽ سڄي دنيا ان قذاقيءَ جو لقاءُ ميڊيا جي ذريعي ڏسندي رهي. ڪيترن ئي ڏينهن تائين ملڪ تماشو بڻيل رهيو. نه صرف شهيدن جا يادگار ڊهندا رهيا پر خوف جو بت به ٽٽندو رهيو، جو ان ڀڃ ڊاهه ۽ باهين خلاف ڪا ترت موثر ڪارروائي نه ٿي سگهي. سڄي ڀڃ ڊاهه ۽ باهين تي ڪمال “عفو ۽ درگذر” جو مظاهرو ڪيو ويو. ان رويي پڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو، جيڪي سوال اڃان تائين جوابن جي جستجو ۾ آهن.

هن ملڪ جي مجيرين هر دور ۾ ملڪ تي تجربا ڪيا آهن. انهن تجربن جا نتيجا ڪهڙا نڪتا آهن، اهو اظهارڻ لاءِ ڀٽائي سرڪار جي هن سٽ جو سهارو وٺون ٿا ته، “ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو”. اهڙو ئي هڪ تجربو 2018ع ۾ پڻ هن ملڪ تي ڪيو ويو. جيڪا سياسي جماعت گهٽ پر Cult جي حيثيت رکندڙ ٽولو هو، يا وري ففٿ جنريشن وار ذريعي ان Cult طور اوسر ڪئي وئي. هونئن به اها هڪ جنگي حڪمت عملي آهي ته جڏهن به ڪو لشڪر پويان پير ڪندو آهي ته ويندي ويندي پنهنجا سمورا اثاثا تباهه ڪري ويندو آهي، ته جيئن اهي دشمنن (مخالفن) جي هٿ چڙهي نه سگهن ۽ ان جي خلاف استعمال نه ٿين پر هن ڀيري ايئن نه ڪيو ويو ۽ ففٿ جنريشن وار جا اثاثا جن کي به هٿ آيا، انهن جهڙي نموني تن جو استعمال ڪيو، اهو لقاءُ هڪ سال اڳ 9 مئي، اڄوڪي ڏينهن تي سامهون آيو هو. عالمي سطح تي ملڪ جي بدنامي ٿي، سائفر واري سفارتي معاملي تي سياست ڪئي وئي ۽ غلطين مٿان غلطيون ڪيون ويون. ڪڏهن عالمي مالياتي اداري کي قرض نه ڏيڻ جون اپيلون ڪيون ويون، ڪڏهن پنهنجي مظلوميت جو دهل وڄايو ويو. اسٽيبلشمينٽ جو اهو پهريون تجربو هو، جيڪو انتهائي خطرناڪ طريقي سان ان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. اسان ان راءِ جا آهيون ته جيستائين 2018ع جي ان ناڪام تجربي جي تخليقڪارن کي گرفت ۾ نه آندو ويندو، تيستائين اسٽيبلشمينٽ به تنقيد جي وڪڙ ۾ رهندي. 9 مئي جي ڪردارن کي رليف ڏيندڙ منصف به ايترا ئي ان سانحي جا ذميوار آهن، جيترا ٻيا آهن. ڊي چوڪ ڌرڻي کان وٺي فيض آباد ڌرڻي تائين جن رٿابندي ڪئي، جن ‘افرادي قوت’ استعمال ڪئي، اهي به  انهن حالتن جا ذميوار آهن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا اهي لفظ سئو سيڪڙو درست آهن ته فيض آباد ڌرڻي بابت عدالتي فيصلي تي عمل ٿئي ها ته 9 مئي نه ٿئي ها.

توڙي جو سياستدان ڏندين ڏاند هوندا آهن، پر ان جي باوجود اهي هر ڀيري اسٽيبلشمينٽ هٿان استعمال ٿي ويندا آهن ۽ اسٽيبلشمينٽ جو طريقهء واردات اهو رهندو آيو آهي ته سياستدانن کي ورهائي رکيو وڃي ۽ جنهن وٽ اقتدار جي واڳ هوندي آهي، اهو مخالف ڌر کي تنجي رکندو آهي، پر پي ٽي آءِ باني سياسي حريفن سان ڪجهه وڌيڪ ئي ڪيو. ڪِريل ٻوليءَ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا. جڏهن اقتدار مان کيس هٽايو ويو ته هو اسٽيبلشمينٽ سان سوڙهين هٿين پئجي ويو ۽ ان جي انتهائي صورت ‘9 مئي’ آهي. سياست ۾ تشدد جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت نٿي ڪري سگهجي پر 9 مئي وارا واقعا ته تشدد کان به ٻه وکون اڳتي آهن. اسان ان راءِ جا آهيون ته 9 مئي ۽ ان کانپوءِ جن حدون پار ڪيون، تشدد، باهين ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث رهيا آهن، انهن کي ضرور سزا ملڻ گهرجي پر سُڪن سان گڏ ساوا نه سڙڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن اسان کي مستقبل ۾ 9 مئي جهڙن واقعن جو رستو روڪڻو آهي ته ملڪ تي تجربن جي به راهه روڪڻي پوندي ۽ اهڙن تجربن جي تخليقڪارن کي احتساب جي وڪڙ ۾ آڻڻو پوندو.