سوال/سروي … هتي ميرٽ جو هميشه جنازو نڪرندو آهي، ذميوارن خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جي ضرورت آهي: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا پرچا ليڪ ٿيڻ تي عوام جو ردعمل

0
30

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا پرچا ليڪ، ذميوار ڪير؟ ميرٽ تي عمل ڪيئن ٿيندو؟ ڪهڙي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي؟ جنهن تي اڪثر  ماڻهن لکيو ته ذميوار سنڌ سرڪار، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا آفيسر ۽ ٻيو عملو، وڏيرا، ڀوتار آهن، جن جي ڪري ميرٽ جو قتل ٿئي ٿو، نوجوان مايوس ٿي رهيا آهن، پيپر ليڪ ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا اهي ڪم ڏسي آءِ بي آءِ آخري اميد لڳي ٿو، جيستائين ڪرپٽ مافيا کي ختم نٿو ڪيو وڃي تيسائين پرچا ليڪ ٿيندا رهندا، هن ڀيري سخت ايڪشن کڻڻ جي ضرورت آهي،سنڌ جي نوجوان جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙي ذميوار اداري تي هاڻ ويساهه نه رهيو آهي،جيڪڏهن ميرٽ جي لتاڙ هوندي ته اڳتي هلي يونيورسٽيون به ويران نظر اينديون. نوجوان مايوس ٿي پڙهائي به نه ڪري سگھندا.  سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ماجد تنيو لکيو ته اِھي جاچ ڪميٽيءَ، شفاف جاچَ وغيره جا قصا نوٽيفڪيشن ٻُڌندي ٻُڌندي ھاڻي ڪنن ۾ سُور پئجي ويو آھي، باقي رھي شفافيت واري ڳالھه اُھا صرف لفظي آھي باقي مُشڪل آھي. پليجو وزير لکيو ته سنڌ ۾ جئسين پيپلزپارٽي جي حڪومت رھندي ميريٽ جو ڪير سوچي به نه سنڌ جي ادارن کي تباهه ڪرڻ ۾ انهن ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، سڪندر گلاب لکيو ته سنڌ سرڪار ذميوار آهي،  سردار مظهر گورچاڻي لکيو ته هتي ميرٽ جو هميشه جنازو نڪرندو آھي پيپر ليڪ ٿيڻ جي ذميوار به تعليم دشمن انتظاميا آھي، صوبائي وزير ۽ وزير اعليٰ سنڌ ذميوار آهن، اسد زرداري لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اڳ به پرچا آئوٽ ڪيا پر ڪا به جاچ نه ٿي صرف چوڪيدار ۽ پٽيوالن کي ذميوار قرار ڏنو ويو اِھي جاچ ڪميٽيءَ، شفاف جانچ نه ڪري سگھي ھاڻي بيروزگار نوجوان سان ظلم ڪيو پيو وڃي، ڳالهيون ته اهي هلن ٿيون ته ٽيھه کان چاليھه لک ۾ ايس ايس ٽي جا آرڊر وڪرو ڪيا ويا آھن ڪنھن به اداري ۾ ميرٽ ناھي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته اڳ ۾ پيپر ليڪ ٿيڻ جي مڪمل جاچ ڪري ۽ ھاڻ به پيپر آئوٽ ٿيڻ جون ڳالھيون ھلن پيون پر ڪا به جاچ نٿي ٿئي. خميسو آريسر لکيو ته هڪ عرض آهي ته مدرسن جي مولوين جي پگهار هن وقت 12000 هزار رپيا آهي مولوي نه ڪاپي ڪري. نه هنن جي مدرسن ۾ ٻارن کي ماني کارائي ٿي وڃي انهن جي ڪا شڪايت آهي، بابر رستماڻي لکيو ته جيستائين هي ٺڳ چور لٽيرا رهندا هر اداري ۾ ڪرپشن رهندي ۽ ملڪ جو سڌرڻ مشڪل آهي، عامر کوسو لکيو ته هتي ميرٽ جو هميشه جنازو نڪرندو آھي پيپر ليڪ ٿيئڻ جي ذميوار به تعليم دشمن انتظاميا آھي، نندلال ميگهواڙ لکيو ته پرچا ليڪ ڪو اڄ جو معاملو نه آهي. اهو هميشه سنڌ ۾ٿيندو آيو آھي، اسان جي انتظاميه ذميوار آهي .گلاب حسن خاصخيلي لکيو ته وڏيرا جا پٽ گھر ويٺي پيپر پيا ڏين غريب کي نوڪريون ڪٿان ملنديون، ڪامريڊ علي احمد لکيو ته هتي ميرٽ جو هميشه جنازو نڪرندو آھي پيپر ليڪ ٿيڻ جو ذميوار به تعليم دشمن انتظاميا آھي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته اهو هنن جو ٽوپي ڊرامو هوندو آهي عوام کي هنن طرف لڳائي گهڻو ڪم پٽي ويندا هي ادارا ۽ حڪمران هڪ پليٽ ۾ کائڻ وارا آهن، وفا ذاڪر جمالي لکيو ته پرچا ليڪ اھا ڪا نئين ڳالھه آ ڇا پرچا ليڪ ٿيندا ئي رھندا جيستائين ڪرپٽ مافيا کي ختم نٿو ڪيو وڃي ۽ پرچا ليڪ ھٿ سان ڪيا ويندا آھن قانون رڳو غريبن تي لاڳو ھوندو آھي جيڪي رات ڏينھن محنت ڪري پيپرز جي تياري ڪندا آھن ۽ پيرن وڏيرن ڀوتارن جي پٽن کي پرچا ھٿ ۾ ملندا آھن بس شل ھن سنڌو جي عزت قائم رهي.. مهراڻ مل ميگهواڙ لکيو ته سنڌ پبلڪ ڪميشن ته ڇا پر ڪو به ادارو صحيح ڪم نٿو ڪري جٿي ڪٿي سفارش پنھنجا نوازي هلي رهي اهي، شاهد بلوچ لکيو ته نااھل ادارو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، علي زين ياسين جوڻيجو لکيو ته محنت ڪيو ڪجھه به ناهي، احسان علي پاڙهو لکيو ته اِھي جاچ ڪميٽيءَ، شفاف جاچَ وغيره جا قصا نوٽيفڪيشن ٻُڌندي ٻُڌندي ھاڻي ڪنن ۾ سُور پئجي ويو آھي، باقي رھي شفافيت واري ڳالھ اُھا صرف لفظي آھي باقي مُشڪل آھي، شيوارام سکاڻي لکيو ته پوري سنڌ ۾ نوجوان ٻھير پيپر ڏيڻ آيا پر وري پيپر ليڪ ٿي ويو اسان ڪراين ۾ پورا ٿي وياسين ڪجھه ماڻھوه گهر بيڊ تي ويهي پيپر حل ڪيو، سنڌ ڪميشن سروس ڪرپشن جو گهر آھي. محبتي مڪيش جيپال لکيو ته عوام پاڻ زميوار آھي، جمشيد علي مشوري لکيو ته اِھي جاچ ڪميٽيءَ، شفاف جاچَ وغيره جا قصا نوٽيفڪيشن ٻُڌندي ٻُڌندي ھاڻي ڪنن ۾ سُور پئجي ويو آھي رياستي ادارا ملوث لڳا پيا آھن ڪرپش ڪرپشن تنگ ٿي ويا آھيون ڪرپشن کان اسان ته سنڌ توڙي وفاقي حڪومت کان بيزار ٿي پيا آھيون، ھميشھ کان وٺي ميرٽ جو جنازو نڪتو آ نوڪريون پئسن تي وڪامجي وينديون آھن، سخاوت علي به سروي ۾ حصو ورتو،محسن حسين لکيو ته سنڌپبلڪ سروس ڪميشن جاپرچا ليڪ اها زميواري هتان جي عملي تي آهي ، غلام سرور منصوري لکيو ته آءِ بي اي سکر آخري اميد آهي، امجد اعجاز منگي لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي ادارتي ساک وڃائي ويٺو آهي. سنڌ جي لکين هزارين نوجوانن جي اميدن جو ادارو آهي پر گذريل ڪيتري ئي وقت کان هر ننڍي وڏي امتحان لاءِ جيڪي ريٽ مقرر ڪيا ويا آهن. انهن محنتي ۽ وزنري اميدوارن ۾ جيڪا مايوسي ۽ بي چيني پيدا ڪئي آهي اها شايد ئي ختم ٿي سگهي. مجموعي طور ته پيپلزپارٽي سنڌ جي هر اداري کي اڏوهي جيان کائي ڇڏيو آهي پر هاڻ نوڪرين جي لاءِ ٻوليون پيون لڳن. ايئن کڻي چئجي ته نيلامي پئي ٿي. سنڌ جي نوجوان جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙي ذميوار اداري تي هاڻ ويساهه نه رهيو آهي. هاڻ نوجوانن کي ٽيڪنالاجي جي فيلڊ ۾ پاڻ کي مڃرائڻو پوندو. جيڪڏهن ميرٽ جي لتاڙ هوندي ته اڳتي هلي يونيورسٽيون به ويران نظر اينديون. نوجوان مايوس ٿي پڙهائي به نه ڪري سگھندا. رياض سولنگي لکيو ته پيپر ليڪ ٿيڻ جا اسان سڀ زميوار آهيون اسان پئسا پاڻ ٿا ڏيون رشوت تي انهن کي پاڻ ٿا هيرايون، اسان ۾ اهليت هوندي ته پاس ٿينداسين پر غريب شاگردن جي حقن تي زميندارن اميرن جا پٽ ڌاڙا هڻڻ ٿا جيڪي پڙهن ڪونه باقي پئسا ڏئي پيپر خريد ڪن ٿا سمورا پيپر معطل ڪري عدالت جي نگراني هيٺ پيپر ڪرايا وڃن، اياز کهاوڙ لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس پاڻَ زميوار آهي.ڇو جو هُو پيپر پاڻ هٿ سان ليڪ ڪندي آهي.رڳو ڏوڪڙ ڪمائڻ خاطر. پر افسوس سان هن ملڪ جا پاڻ رهواسي آهيون.جتي انصاف نالو ئي ناهي، راجا تنوير خاصخيلي لکيو ته ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي جيڪي ڳري رشوت وٺي پرچو من پسندن حوالي ڪن ٿا وڏو ظلم آھي سنڌ جي غريب محنتي نوجوانن سان… الياس سمون لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪاروباري ادارو آهي، نظير  احمد لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سروس پبلڪ ڪميشن طرفان ايس ايس ٽي جي ٽيسٽ ڏيڻ کانپوءِ محسوس ٿيو ته سندن وٽ صحيح طريقي سان ٽيسٽ وٺڻ جو ڪو به مڪينزم ناهي، انويجليٽرس اھي ڏسڻ ۾ آيا جن جو تعليم سان ڪوبه به واسطو ڪونه هو. معني جيڪو سنڌ ڪميشن کي ھٿ آيو ان جي ڊيوٽي لڳائي وئي. شفقت علي لکيو ته سمورن ايس ايس ٽي پيپرز جو عمل معطل ڪري آءِ بي اي سکر کي ڏنو وڃي. حاڪم علي بوزدار لکيو ته سياسي ڳٺ جوڙ تي سنڌ سان کلواڙ ٿي رهيو آهي، ائين لڳي ٿو ته هر سال ۽ هر امتحان ۾ ڪميشن مان ڪميشن عيوض صرف مخصوص خاندانن جا نوجوان پاس ٿيندا رهن ٿا، ساڳيا اميدوار فيڊرل ڪميشن ۾ اپلائي ئي ناهن ڪندا! منور قاضي به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالستار ڏاهري لکيو ته ھن اداري کي بند ڪرڻ گھرجي.وڏي ڪرپشن آھي، عبدالله کوسو لکيو ته سنڌ پلبڪ سروس ڪميش ڪرپشن جو آکاڙو بڻجي ويو آهي، سمورا پيپر رد ڪري آءِ بي اي سکر  ذريعي امتحان ورتو وڃي، شاهد منگي لکيو ته اربن سنڌ کي ھارڊ ايريا بنائڻ تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي مبارڪون. رحمت رضا تنيو لکيو ته سياستدان ذميوار آهن پنهنجن کي نوازن ٿا، محمد عرس مشوري لکيو ته ھيٺان کان مٿي تائين سڀ ھڪ آھن ذميوار سنڌ حڪومت ۽ ادارو آھي، شاهد منگي به سروي ۾ حصو ورتو، اسلم سومرو لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ادارو ختم ڪري اهي امتحان آءِ بي اي کان ڪرايا وڃن ان سان گڏ زباني امتحان يعني واءِ واز کي پڻ ختم ڪيو وڃي، وحيد مستوئي به سروي ۾ حصو ورتو، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سروس پبلڪ ڪميشن طرفان ايس ايس ٽي جي ٽيسٽ ڏيڻ کانپوءِ محسوس ٿيو ته سندن وٽ صحيح طريقي سان ٽيسٽ وٺڻ جو ڪو به مڪينزم ناهي، ولي الله جمالي لکيو ته سياسي ڳٺ جوڙ تي سنڌ سان کلواڙ ٿي رهيو آهيم ائين لڳي ٿو ته هر سال ۽ هر امتحان ۾ ڪميشن مان ڪميشن عيوض صرف مخصوص خاندانن جا نوجوان پاس ٿيندا رهن ٿا، ساڳيا اميدوار فيڊرل ڪميشن ۾ اپلائي ئي ناهن ڪندا، ساگر علي رضا لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پيپر ليڪ ٿيڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار توڙي ان جا رکيل من پسند آفيسر آهن جيڪي لکين رپيا وٺي پيپر اوطاقن تائين يا ماڻهن جي گهر تائين پهچائن ٿا. فيض احمد لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ اهڙو ادارو آهي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ايس ٽي ايس، ۽ پي ٽي ايس، هڪ اهڙي ماڻهو کي ڪنجي مليل آهي، جيڪو به اميدوار ٽيلينٽ يا هوشيار ڇو نه هجي ميريٽ ذريعي امتحان پاس ڇو نه ڪري پئسن کانسواءِ نوڪري نه ملندي، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته چوڪيدار کان وٺي صدر تائين سڀ چور رشوت خور آهن باقي جتان پيپر ليڪ ٿيو آهي جتان مليو آهي ان جاءِ کان پيرو کڻي ان کي سوگهو ڪيو وڃي سڀ چور پڌرا ٿيندا، فهيم حسين، آصف علي، جوڻيجو شيراز، شهزاد بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، سڪندر لطفي لکيو ته ڀنگي کان وٺي صدر تائين سڀ ڪرپشن ۾ ملوث آهن ته پوءِ ڇا اهڙي ملڪ ۾ قانون لاڳو ٿيندو يا انصاف جي توقع ڪري سگهجي ٿي. سڀ ادارا ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن پوءِ ملڪ جي ماڻهن جو خدا خير ڪري.  جهانگير سڪندر به سروي ۾ حصو ورتو.