اشو آف دي ڊي … ڀوتار ماءِ فوٽ ۽ جسٽس فار نصرالله گڏاڻي سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ بڻيل

0
40

ڀوتار ماءِ فوٽ ۽ جسٽس فار نصرالله گڏاڻي سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آهن، ڀوتار ماءِ فوٽ جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي وال، پروفائيل ۽ ڪور تي تصويرون شيئر ڪيون ويون، شهيد صحافي نصرالله جي خون سان انصاف جو مطالبو ڪيو ويو

ان سلسلي ۾ جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ بهادر شخص جي ارڏائي ۽ قرباني سنڌ جي اجتماعي شعور ۾ هڪ بدبودار، ڪوڙهيل ۽ عوام دشمن نظام سان نفرت کي هڪ باغيانه چوڻي ۽ نعري توڻي هڪ سياسي سماجي رويي ۾ تبديل ڪري وئي سو ڪيئن چئبو ته اها قرباني ناڪام وئي، ڀل ته بظاهر ايئن لڳي ته چند ڏينهن کانپوءِ ماڻهن کان ڳالهه وسري ويندي پر ياد رکڻ گهرجي ته اهو اثر ۽ ان رويي يا سوچ جي سگهه ماڻهن جي لاشعور ۽ مجموعي سمجهه ۾ پنهنجي جاءِ وٺي ويندي ۽ عوام جي شعور سازي جي زنده مظهر جو حصو ٿي ويندي. عوام جو شعور، رويو ۽ عمل هڪ زنده ۽ جدلي تسلسل آهي، ايڪويهين صدي ۾ انهي طبقي جو آئيندو تاريخي طور ڌوڙ ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، سرخ سلام.

پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ابراهيم جوکيو لکيو ته ڪجهه ٽائيم لاءِ هي قوم نعرا هڻي ٿڪجي پوندي، جيئن جان محمد مهر جي لاءِ هفتي ۾ ڪٿي نه ڪٿي 10 ماڻهو گڏ ٿي نعرا هڻي فوٽو ڪڍرائي هليا وڃن ٿا. غلام رسول چانڊيو لکيو ته هي قرباني ناڪام ٿيڻي ناهي، جمشيد هاليپوٽو لکيو ته رئيس، پير سردار ڀوتار ماءِ فوٽ، سورٺ ٿيٻو، زاهده ڏاهري، چانڊيو انور عزيز، امام بخش دل، محمد عرس سومرو، چيتن ميگهواڙ، لياقت ڀٽو ۽ ٻين نصرالله گڏاڻي کي سرخ سلام پيش ڪيو، عثمان پنهيار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شھيد نصرالله گڏاڻي تنھنجي مشن کي زندھ رکنداسين، ڀوتارMy foot ، فتح پنهيار ڪمينٽ ڪندي لکيو ته يقين ڪيو نصرالله گڏاڻي هي هڪ انقلابي نعرو اسان سڀني لاءِ ڇڏي ويو آهي، سو ڪالڊ سسٽمMy Foot، راحب علي ڪرم، اشرف ڪالادي، ڪبير احمد، شريف مهر، قربان علي بوزدار، سنديپ راج، سڪندر گڏاڻي، خليل احمد ۽ ٻين به لکيو ته ڀوتار ماءِ فوٽ، ارشاد سومرو به پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀوتار ماءِ فوٽ، سامي ميمڻ به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي

جنهن تي غلام علي برفت لکيو ته ماءِ فوٽ، سردار، ڀوتار، وڏيرا جيڪي ظالم هجن جيڪي غريبن جا حق غضب ڪن، جيڪي پنهنجي هوڏ تڪبر تي رهي عام ماڻهو جي عزت تي وار ڪن، آدم جانيارو، اشفاق چنڙ، راشد ٽالپر، شبير سومرو، حمزه گبول به ردعمل ڏنو، ايوب گل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بدبودار جاگيرداراڻي نظام خلاف سماج ۾ جيڪو تحرڪ موجود آهي ان کي با مقصد ۽ نتيجه خيز بنائڻ جي لاءِ باڪردار، اصول پسند ۽ بي داغ قيادت گهربل آهي، ڏسون اڳواڻي لاءِ ڪير ٿو اڳيان اچي