ڪنڌڪوٽ:پوليس ڪچي جي ڏوهارين جي فصل کي پڪي تي پهچائي انهن جي فصل کي واپارين تائين وڪرو ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گذريل وقتن ۾ پوليس خود ڏوهارين جي فصل کي پڪي جي واپارين تائين سهولت سان پهچائي فصل کي وڪرو ڪرائيندا رهيا آهن ۽ ذريعن اها ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن ته پوليس ان وڪرو ٿيل فصل جو ڏوهارين سان گڏ ڀاڳي ڀائيوار رهيا آهن.ذريعن اهو پڻ انڪشاف ڪيو آهي ته ڏوهارين تائين پوليس خود پئسا پهچائيندي رهي آهي.