ڄامشورو/سن  (رپورٽ: ميرمرتضيٰ نوحاڻي+ شاھنواز شاھاڻي) سن ۾ سائينءَ جي ايم سيد جي 120 سالگرهه جي موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران درياهه واري بنگلي تي پنڊال سجائي جلسو ڪيو ويو، ان موقعي تي  ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه، زين شاهه،سيد منير حيدر شاگه،روشن ٻرڙو،جگديش آهوجا ۽ ٻين گڏجي ڪيڪ ڪٽيو، جلسي کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان جا خزانا خالي آهن، اقتدار جا بکيا پئسي جا لالچي شخصي حاڪميت جي عيوض نقصان پهچائي رهيا آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ٿي ته صوبا خودمختيار هوندا پر ائين نه ٿيو آهي، ملڪ جي صورتحال تي تڪليف اسان کي به ٿي رهي آهي، سنڌ جا 6 ڪروڙ ماڻهون دربدر ٿيا آهن، اسين ملڪ کي حقيقي حڪمراني ڏيارڻ ٿا چاهيون، گذريل ستن ڏهاڪن کان پاليسيون غلط رهيون آهن، سائين جي ايم سيد جو ڏهاڙو اسان لاءِ عيد جو ڏهاڙو آهي سڄي سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي تسبي پڙهي رهيا آهن، لالچي سياستدان هڪ ڏينھن ملڪ جو سودو ڪري ڇڏيندا پالتو سياستدان ملڪ کي لٽي رهيا آهن، احتساب جي عمل کي روڪڻ ملڪ دشمني آهي، ٻن صوبن ۾ جنگ هلي رهي آهي غير شفاف اليڪشن ٿيڻ وڃن پيو ڪجھه جماعتون کي پريشان ڪيو پيو وڃي،اليڪشن کانپو حڪومت ايندي پر ملڪ سڌي رستي تي نه هلندو، سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪيو ويندو ته اسين سڀ هڪ ٿي وينداسين فيصلا طاقت ذريعي اسان جي مٿان نه مڙهيا وڃن. جڏهن ته تقريب کي خطاب ڪندي روشن ٻرڙو چيو ته سائين جي سالگرهه اسان لاءِ هاڻي قومي ڏينھن بڻجي ويو آهي ڀٽي جي ورسي ۽ سالگرهه تي سرڪار جا ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ماڻهن کي ٽرانسپورٽ ۽ ٻي سهولت ڏني ٿي وڃي پر سائينءَ جي ايم سيد جي سالگرهه تي قلم 144 لاڳو ڪيو ٿو وڃي، سرڪار جي ڪا به رڪاوٽ سنڌ ۽ سيد سان عشق کي ختم نٿي ڪري سگھي. سائينءَ جي ايم سيد اسان کي ظالمن سان اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهائڻ سيکاريو آهي. سائين جي ايم سيد سڄي زندگي جدوجهد ڪئي ۽ هو گهڻ رکي شخصيت هو. سائينءَ جي ايم سيد  سنڌ جو عاشق هو، هن ظالم ۽ جابر سان اسان کي وڙهڻ جي سگهه بخشي آهي. جلسي کي خطاب ڪندي جگديش آهوجا،سيد منير حيدر شاهه،امير آزاد پنهور،ياسمين ٿيٻو ۽ ٻين چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌي ماڻهن کي قوم هجڻ جو احساس ڏياريو. ڄامشورو: سائين جي ايم سيد جي 120 هين سالگرھ جي موقعي تي ايس يو پي پاران ڪوٺايل جلسي ۾ مختلف قراردادون پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته  سنڌ ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلي تي عمل ڪري افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪلي وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ تي قبضي کي رد ڪجي ٿو، ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۾ شفاف اليڪشن ڪرائڻ واري هدايتن تي عمل ڪيو وڃي.