سن (رپورٽ: شاھنواز شاھاڻي)  جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 120 سالگرھ جي موقعي تي سن ۾ جسقم بشير خان قريشي پاران جلسو ڪوٺايو ويو، جنهن جي صدارت  جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڪئي، جڏهن ته جلسي کان اڳ جسقم چيئرمين صنعان قريشي،امجد خان مهيسر، ديدار شام، مومن سمون، ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو جي اڳوڻي ۾ سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، قومي سلام پيش ڪيو ويو، بعد ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي مرڪزي قيادت سان گڏ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي جلسي جي شروعات ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي صنعان قريشي چيو ته سائين جي ايم سيد لازوال جدوجهد ڪري، تاريخ، فلسفي، مذهب، ادب تي ڪتاب لکي سنڌي قوم کي سجاڳ ڪيو، جڏهن ته  رهبر کي سنڌ سان عشق جي ڏوھ ۾ نظر بند ڪيو ويو، قيد ڪيو ويو، سرڪار کيس علاج لاءِ پرڏيھه موڪلڻ جي اجازت به نه ڏني! جڏهن ته تاريخ خواھ آهي ته رهبر هن ملڪ جي قرارداد پاس ڪئي، سائين جي ايم سيد  ادارا ساز شخصيت هو، هن سنڌ يونيورسٽي جو بنياد وڌو، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ ٻيا ادارا ٺاهيا،  رهبر سنڌ، وساريل سنڌ ياد ڏياري، جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، اڄ رهبر جي حاضري ڀري کيس قومي سلام پيش ڪرڻ آيا آهيون،  هن چيو ته سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ سنڌ جو وجود بچائي سگهون ٿا،هن وقت سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌ ۾ غير قانوني طور تي وڏي تيزي سان زمينن جو وڪرو ڪري سنڌ دشمن منصوبا جوڙا وڃن پيا، سمنڊ، درياھ، جبلن ٻيٽن، وسيلن تي قبضو ڪيو  ويوآهي، تنهن ڪري سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ قومي ٻڌي ۽ اتحاد جي ضرورت آهي. 25 فيبروري تي ٺٽي شهر ۾  سنڌ جي زمينن تي والار، ڌاري آبادڪاري، وسيلن جي ڦرلٽ خلاف تاريخي ريلي جو اعلان ڪيا ٿو، هن چيو ته جهنڊي جا وارث اسان آهيون، اسان جيئي سنڌ جي سفر ۾ قربانيون ڏنيون آهن، شهيد بابا جي قرباني سنڌ کان ناهي ورسي، شهيد چاچا مقصود خان قريشي کي جيئري ساڙيو ويو آهي، تنهن ڪري جسقم شهيدن جي قربانين عيوض ٺهيل آهي ان جي خلاف سازشون سنڌ جي خلاف سازشون سمجهون ٿا، هن چيو ته اسان بيهڻ وارا آهيون، ڀڄڻ وارا ناهيون، مان قوم جي اڳيان آهيان سيد جي فڪر سان محبت ۽ عشق ڪيو آهي، جڏهن ته جلسي کي امجد خان مهيسر ۽ ديدار شام  خطاب ڪندي چيو ته سيد تاريخ جو سچ آهي، جيڪو سمورين رڪاوٽن باوجود روز بروز نکري رهيو آهي. جلسي کي  جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اشرف ڪلهوڙو به خطاب ڪيو.