سوميا شيٺي 150 تولا سون چوري الزام ۾ گرفتار: آپگهات جي ڌمڪي

0
69
سوميا شيٺي 150 تولا سون چوري الزام ۾ گرفتار: آپگهات جي ڌمڪي
سوميا شيٺي 150 تولا سون چوري الزام ۾ گرفتار: آپگهات جي ڌمڪي

چينائي ( شوبز نيوز) ڏکڻ ڀارتي اداڪارا ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر سوميا شيٽي کي مبينا طور 150 تولا سون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

پرڏيهي خابرو اداري موجب، پوليس اداڪارا سوميا شيٽي کي مبينا طور 150 تولا سون چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو آهي، اداڪارا خلاف سون چوري جو ڪيس رٽائرڊ سرڪاري ملازم پرساد بابو طرفان داخل ڪرايو ويو آهي. پوليس آءِ ايف آر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سندس سوميا سان دوستي هڪ فلم جي آڊيشن دوران ٿي جنهن کانپوءِ سوميا سندس شاهاڻي زندگي مان متاثر ٿي سندس گهر اچڻ وڃڻ لڳي

ايف آءِ آر موجب، ويجهڙ ۾ پرساد جي گهرڀاتين کي پتو پيو ته گهر مان سون گم ٿي چڪو آهي، پرساد چوري جو الزام اداڪارا سوميا شيٽي تي لڳائيندي چيو ته هن ٿورو ٿورو ڪري سندس گهر مان اٽڪل هڪ ڪلو سون چوري ڪيو ۽ پوءِ عياشي ڪرڻ لاءِ چلي هلي وئي

پوليس فنگر پرنٽس ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان سوميا شيٽي سميت يارنهن ڄڻن کان پڇاڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي، پڇاڳاڇا دوران 74 گرام سون به هٿ ڪيو ويو آهي. جاچ دوران اداڪارا پوليس کي ڌمڪي ڏني ته هوءَ باقي سون واپس نٿي ڪري سگهي ۽ زبردستي جي صورت ۾ آپگهات ڪري ڇڏيندي