ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي ڪوهستاني ديھ ڪوھستان ست ڀاڱي ھڪ جي ڳوٺ سائينون جاکرو جي رھواسي محمد اسماعيل جاکرو مڪلي پھچي بااثر ھائوسينگ سوسائٽي جي انتظاميا جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته ڳوٺ ڀرسان قائم سٽي ھائوسينگ جي انتظاميا مقامي بااثر ماڻھن جي آشير واڌ سان پھريان 200 ايڪڙ زمين تي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرڻ بعد ھاڻي ان کي وڌائي 12 سئو ايڪڙ زمين ڪري ڇڏي آھي، جنھن ۾ سندن قديمي ڳوٺ سائينون جاکرو، قديمي قبرستان فتوجي، ڳوٺ ڀرسان قائم سندن واٽر سپلاءِ اسڪيم، پاڻي جا بور ۽ زمينون اچي وڃن ٿيون، جنھن تي قبضن جون ڪوششون ڪري کين پنھنجي گھرن ۽ ملڪيتن مان بيدخل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هن چيو تہ مذڪورہ زمين جا اڳ بہ ڪافي راڄوڻي طور فيصلا سندن حق ۾ ٿي چڪا آھن، پر مقامي بااثر ماڻھون مختلف ھائوسينگ سٽيز جي انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري اسانکي بيدخل ڪري اسانجي ڳوٺ، زمينن ۽ قبرستان تي قبضو ڪري اتي به پلاٽينگ ڪرڻ چاھين ٿا، جن جي اڏاوت جو ڪم به تيزي سان جاري آھي، پر سندن ڪير به مدد ڪرڻ وارو ناھي، ھن چيو ته ھو پنھنجا ڳوٺ، قبرستان توڙي زمينون ڪنھن به صورت ۾ ڪو نه ڇڏيندا، ھن وزيراعلي سنڌ، گورنر سنڌ، ڊي سي ٺٽو، روينيو کاتي جي عملدارن سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندن ملڪيتن کي قبضن کان آجو ڪرائي ساڻن ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪرائي کين بيدخل ٿيڻ کان بچائي قبضاگيرن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ مھيا ڪيو وڃي.