جيڪب آباد (رپورٽر) فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج خادم حسين چنڊ جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ مقتول جاويد لاشاري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عدالت ٻڌڻي دوران قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 جوابدارن نسيم سنجراڻي، شعبان سنجراڻي ۽ حضور بخش سنجراڻي کي عمر قيد ۽ 10/10 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي عدالت جوابدار شعبان ۽ نسيم کي غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ 10/10 سال الڳ قيد ۽ ڏنڊ جي سزا جي به فتویٰ ٻڌائي آهي ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ قيد جي سزا ڪاٽيندا ياد رهي ته 24 ڊسمبر 2022ع تي مٿين جوابدارن پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏجي نوجوان جاويد لاشاري کي عورت جي اغوا جو الزام مڙهي قتل ڪيو هو جنهن واقعي جو ڪيس مولاداد ٿاڻي تي مقتول جي امڙ حضوران جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ڪيس جي ڪالهه ٻڌڻي ٿي عدالت جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي