تحريڪ انصاف جون ڪنهن سان به بيڪ ڊور ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر خان

0
29
تحريڪ انصاف جون ڪنهن سان به بيڪ ڊور ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر خان
تحريڪ انصاف جون ڪنهن سان به بيڪ ڊور ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر خان

تحريڪ انصاف جون ڪنهن سان به بيڪ ڊور ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، پي ٽي آءِ باني ڳالهين جو اختيار ڏيڻ بابت ڪجهه پارٽي اڳواڻن جا نالا کنيا آهن،في الحال ڪنهن سان به ڳالهيون نه پيون ٿين: پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر جون اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون

بئرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني کي جيل انتظاميا اڄ ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، باني پي ٽي آءِ چيو ته پوليس کي اسان جي پارٽيءَ جي خلاف استعمال ڪيو ويو

مريم نواز پاران پوليس جي وردي پائڻ واضح پيغام هو ته پوليس هنن جي تابع آهي، بئرسٽر گوهر موجب پي ٽي آءِ باني چيو ته اسحاق ڊار نواز شريف جو فرنٽ مين آهي ان ڪري کيس نائب وزيراعظم بڻايو ويو، پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻن جي پارٽيءَ ۾ واپسيءَ بابت فيصلو پي ٽي آءِ جو باني ئي ڪندو