مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي

0
68
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي

سنڌ پوليس ڏوهارين جي نشاني تي، پوليس تي حملن جي ٽن ڌار ڌار واقعن ۾ 2 اي ايس آءِ شهيد ۽ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا

گهوٽڪي باءِ پاس تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ غلام نبي سهتو شهيد، غلام نبي سهتو ڊيوٽي تان واپس گهر وڃي رهيو هو ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، شهيد ٿيل اي ايس آءِ غلام نبي جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو

 ڀريا روڊ ويجهو به هٿياربندن جي حملي ۾ڪوٽ لالو ٿاڻي جو اي ايس آءِ نور احمد لاشاري شهيد، نور احمد ڪوٽ لالو ٿاڻي تي ڊيوٽي لاءِ وڃي رهيو هو ته پڪا چانگ لنڪ روڊ وٽ موٽرسائيڪل سوار ٽن هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني

 گوليون لڳڻ سبب اي ايس آءِ نور احمد ٿڏي تي دم ڏنو، ڀريا سٽي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه  وارثن حوالي ڪيو ويو، شڪارپور ويجهو به ڌاڙيلن جو پوليس موبائل تي راڪيٽن سان  حملو، 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا

 ھٿياربندن  انڊس هاءِ وي جي شجراع لاڙي وٽ گشت ڪندڙ پوليس موبائل تي راڪيٽ فائر ڪرڻ بعد فائرنگ به ڪري ڏني، پوليس اهلڪار يوسف پٺاڻ، عبدالوحيد جکرو ۽ جنسار علي زخمي ٿي پيا

 شڪارپور اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد ٽنهي زخمي اهلڪارن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو