مهانگائي بم ڪيرائڻ جون تياريون، پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا في لٽر واڌ جو امڪان

0
44

حڪومت مهانگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ عوام مٿان پئٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي

پئٽرول  جي قيمت ۾ 10 رپيا في لٽر واڌ جو امڪان، قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن  اڄ رات جاري ٿيندو

 اوگرا طرفان پئٽروليم جي نين قيمتن جي  سمري اڄ حڪومت کي موڪلي ويندي ۽ اڄ رات ئي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو ويندو

حڪومت ۽ صنعتي ذريعن موجب پئٽرول جي قيمت 279 رپيا 75  پئسن مان وڌائي 289 رپيا 69  پئسا  ڪرڻ جو امڪان آهي

 هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 285 رپيا 49 پئسن مان گهٽائي 284 رپيا 26 پئسا ڪرڻ جو امڪان آهي