هٿياراسمگلنگ ڪيس: آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي اڳواڻي ۾ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

0
42

بلوچستان مان سنڌ ۾ هٿياراسمگلنگ واري واقعي جي جاچ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي قائم، آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ، ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ محمد ڪليم ۽  ايس ايس پي جيڪب آباد سيد سليم شاھ  ڪميٽي ۾ شامل، آءِ جي سنڌ پاران ڪميٽي  کي ڪيس جي شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت، ڪميٽي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ آءِ جي سنڌ کي پيش ڪندي

بلوچستان مان سنڌ ۾ هٿيار اسمگل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدار 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، جيڪب آباد جي مولا داد ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪيل اي ايس آءِ امتياز ڀيو، اهلڪارن بقاءُ الله ۽ ثناءُ الله سميت 7 جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڪيمپ آفيس ۾ پيش ڪيو

وڏي وزير مراد علي شاهه هٿيارن جي اسمگلنگ واري ڪيس ۾ ملوث هئڻ جا الزام لڳڻ بعد صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو پاران ڏنل استعيفيٰ منظور ڪري ورتي، ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪب آباد ۾ هڪ ويگو گاڏي ۽ شڪارپور پوليس جي موبائيل مان وڏي انگ ۾ هٿيار مليا هئا، پوليس موبائيل مبينا طور صوبائي صلاحڪار جي سڪيورٽي اسڪواڊ ۾ شامل هئي، بابل ڀيو معاملي ۾ ملوث هئڻ جي ترديد ڪندي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي