ڪراچي :سنڌ ۾ ٽن مهينن دوران 60 کان وڌيڪ عورتون قتل ٿيڻ جو انڪشاف

0
28
ڪراچي :سنڌ ۾ ٽن مهينن دوران 60 کان وڌيڪ عورتون قتل ٿيڻ جو انڪشاف
ڪراچي :سنڌ ۾ ٽن مهينن دوران 60 کان وڌيڪ عورتون قتل ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) سنڌ ۾ هلندڙ سال جي ٽن مهينن دوران 60 کان وڌيڪ عورتون قتل ٿيڻ جو انڪشاف، جنوري ۾ 20، فيبروري ۾ 14 ۽ مارچ ۾ 29 عورتون قتل ٿيون

ان حوالي سان سنڌ جي عورت وڪيلن جي اتحاد عورتن  تي تشدد ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، عورت وڪيل اتحاد جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ شازيا نظاماڻي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جنوري مهيني دوران گهريلو تشدد جا 12 جنسي هراساني جا 10 ۽  قتل جا 20 واقعا رپورٽ ٿيا

جڏهن ته رپورٽ نه ٿيندڙ واقعن جو انگ انهي کان به وڌيڪ هوندو، اهڙي ريت فيبروري مهيني ۾جنسي هراساني جا 12  ۽ قتل جا  14واقعا رپورٽ ٿيا، مارچ مهيني ۾ جنسي هراساني جا 18 ، گهريلو تشدد جا 11 ۽ قتل جا 29 ڪيس رپورٽ ٿيا، هن چيو ته هلندڙ سال جي شروعاتي ٽن مهينن دوران عورتن تي تشدد جا وڌندڙ واقعا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهن

هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جتي عورتن جي حوالي سان ڪيترائي قانون موجود آهن پر انهن تي عمل نٿو ٿئي، انهي ڪري اهي واقعا وڌن ٿا، عورتن جي ڪميشن جو ڪم ننڍي عمر جي شادين  ۽ عورتن تي تشدد وارن واقعن جي روڪٿام وارن بابت قانونن تي عمل ڪرائڻو هو پر سنڌ ۾ گذريل 8 مهينن کان ڪميشن جي چيئرپرسن واري پوسٽ  خالي پيل آهي،