نصير آباد (ن پ ا ) سجاڳ شهري اتحاد جي سڏ تي ڪڻڪ سرڪاري اگهه تي خريداري نه ڪرڻ ۽ آبادگارن کي باردانو ن ملڻ خلاف پوسٽ آفيس کان ارٿرشاخ جي موري تائين ريلي ڪڍي احتجاج مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سجاڳ شهري اتحاد جي  صدر آصف ڪاٺيو، منصور سومرو، رفيع لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي فوڊ انتظاميا زراعت، آبادگار ۽ هاري دشمن آهي، جيڪا حڪومت جي ملازم نه پر ضلعي جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي ذاتي نوڪر آهي. هنن چيو ته وڏيرن جي اوطاقن تي ڪڻڪ خريداري سينٽر قائم ڪري باردانو لڪائي هڪ ته باردانو من پسند وڏيرن کي ڏين ٿا ۽ ٻيو سمورو لڪايل باردانو پيسن تي وڏن واپارين کي ڏين ٿا، جيڪا زراعت دشمني آهي. هنن چيو ته باردانو نه ملڻ ڪري آبادگار ۽ هاري 28 سئو رپين کان 3 هزار رپين تي ڪڻڪ کپائڻ تي مجبور آهن. هنن گهر ڪئي ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي فوڊ انتظاميا جي ڪامورن الطاف مگسي ۽ ٻين کي گرفتار ڪري آبادگارن ۽ هارين کي باڙدانو ڏئي ڪڻڪ سرڪاري خريداري کليل ۽ عام ڪئي وڃي.