سرهاري (ن پ ا) سرهاري جي وارڊ نمبر 6 جي ڳوٺ رمضان ڏاهري جي رهواسي 8 ورهين جي نينگر ذيشان ڏاهري کي پرسرار نموني گم ٿئي 15 ڏينهن گذري ويا، ڳولا بوجود سندس ڏس پتو نه پيو، نينگر جي اغوا جي شڪ هيٺ گرفتار ٿيل 12 ورهين جي نادر ڏاهري جي امڙ خيران ڏاهري پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته 15 ڏينهن اڳ پرسرار نموني گم ٿيل نينگر ذيشان ڏاهري جي وارثن منهنجي 12 ورهين جي پٽ نادر علي ڏاهري تي اغوا ۾ ملوث هئڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪرايو، منهنجو پٽ بي ڏوهي آھي، جنهن وٽ به نينگر ذيشان ڏاهري آھي، پاڪ ڪتاب جي صدقي واپس ڪري وئي، ياد رهي ته الزام هيٺ آيل نينگر نادر ڏاهري کي 10 ڏينهن پوليس حراست ۾ هئڻ بعد پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد پوليس آزاد ڪري ڇڏيو هو.