ڪراچي( نمائندن وٽان) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمٰن جي اپيل تي آبادگارن کي بارداڻي جي عدم فراهمي، ڪڻڪ جي سرڪاري ريٽ تي خريداري نه ڪرڻ توڙي آبادگارن ۽ هارين سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ميرپورخاص، خيرپور، بدين، شڪارپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، قاضي احمد، شهداد ڪوٽ سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جن ۾ شريڪ سياسي، سماجي اڳواڻن، هارين توڙي آبادگارن دانهيندي چيو ته هاري، آبادگارن جي خوشحالي سان ئي سنڌ جو امن ۽ خوشحالي وابسته آهي، پر سنڌ سرڪار جي عدم توجه ڪرپشن ۽ ٻج ڀاڻ زريعي دوائن وارن ڪمپنين جي هڪ هٽي سان آبادگار طبقو سخت پريشان آهي ان سڄي ڪشالي باوجود به فصلن جو مناسب اگهه ۽ بارداڻي لاءِ ڌڪا ڏئي تذليل ۽ زراعت دشمني ڪئي پئي وڃي، بارداڻي لاءِ آبادگار سراپا احتجاج آهن، پر ڪوبه داد فرياد ڪونه آهي. هي تمام وڏو ظلم ۽ تمام وڏي ناانصافي آهي، ان معاملي ۾ نه رڳو اڳوڻي نگران حڪومت جي ذميوارن کي بخش نه ڪيو وڃي، پر واسطيدار ڪامورن کي به فوري طور تي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. اڳواڻن مولانا عبدالقدوس احمداڻي ، سيد علي مردان شاھ، مفتي يوسف مزاري، تحسين ڀٽو،سرور قريشي، قاري ابوزبير جکرو ، مولانا ثناءَ الله جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته موجوده جعلي حڪومت دوران به ٻاهران ڪڻڪ گهرائي وئي آهي ته ان جي ذميوارن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ملڪ جيڪو اڳ ۾ ئي هڪ هڪ ڊالر لاءِ سڪي رهيو آهي اُن ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ نه هجڻ باوجود 110 ڪروڙ ڊالرن جي ڪڻڪ ٻاهران گهرائي وئي جنهن سان نه فقط ملڪي ناڻي جي تباهي بلڪه هتان جا هاري ۽ آبادگار به سخت متاثر ٿيا آهن جيڪو ڏوهه ڪنهن به طرح سان بخش ڪرڻ جهڙو ناهي. فوڊ کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن کي ڪوبه لغام وجهڻ وارو ڪونهي. هن وقت عملي طور ملڪ تي ڪڻڪ، اٽو، کنڊ مافياز جو راڄ آهي جيڪو ذخيره اندوزي، ڪرپشن ۽ مهانگائي ڪري نه صرف ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان، پر عوام جي چيلهه به چٻي ڪري ڇڏي انهن جو احتساب لازمي آهي، اڳوڻو نگران وزيراعظم، ناڻي وارو وزير يا وري ٻيو ڪوبه طاقتور شخص کڻي ڇو نه ملوث هجي انهن کي به جاچ ۾ شامل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ۽ کين قانون جي پڪڙ ۾ آڻي مثالي ۽ عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن آئنده ڪنهن کي به اهڙي قسم جي بدعنواني ۽ ڪرپشن ڪرڻ جي جُرئت نه ٿي سگهي. ميرپورخاص پريس ڪلب تي ٿيل مظاهري کي مقامي امير حاجي نور الاهي مُغل، مولانا تحسين ڀٽو، ڏهرڪي پريس ڪلب تي ٿيل مظاهري کي ضلعي گهوٽڪي جي امير مولانا يوسف مزاري، احمد خان گڏاڻي، پيرڳوٺ خيرپور ۾ ٿيل مظاهري کي ضلعي امير امان الله جوڻيجو، دُرمحمد خاصخيلي، بدين ۾ ايوان صحافت پريس ڪلب تي صوبائي اڳواڻ مولانا عبدالقدوس احمداڻي، ضلعي امير سيد علي مردان شاه، لاڙڪاڻي پريس ڪلب تي مظاھري کي ضلعي امير قاري ابوزبير جکرو، غلام حيدر ڪورائي، عباس علي ڏاھاڻي، قمبر پريس ڪلب تي رٿيل مظاهري کي ضلعي امير منصور ابڙو، حافظ امتياز ڀٽو، ابراهيم دايو، محمد ٻُرڙو، قاضي احمد پريس ڪلب تي مظاھري کي سرور احمد قريشي مولانا نورمحمد جوڻو ۽ ٻين خطاب ڪيو.