ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو جي علائقي مهاڙي ڀرسان ڳوٺ غلام اڪبر شر جي رهواسين ٻارڙن سميت پرائمري اسڪول جي سهولت نه هجڻ خلاف  احتجاج ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندي غلام شبير، ڪاشف علي، راشد حسين، عتيق الرحمان، جويريا، اقصي،  خديجه ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڳوٺ ۾ اسڪول نه هجڻ ڪري ٻارڙا چوپايو مال چارڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته ڳوٺ ۾ 70کان 80 معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباھه ٿي رهيو آهي، هنن سنڌ جي تعليم واري وزير سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته ڳوٺ غلام اڪبر شر ۾ اسڪول جي سهولت ڏئي معصوم ٻارڙن  جو مستقبل تباھه ٿيڻ کان بچايو وڃي .