نوشهروفيروز (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي ماضي وارو اوج ڏيارينداسين، ھيءَ ايشيا جي اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم اڳ به ھئي ۽ ھاڻي به آھي، سنڌ اندر هن وقت ون يونٽ کان به حالتون وڌيڪ خراب آهن، هاڻي ٻيهر سنڌ کي باغي شاعرن ۽ شاعري جي ضرورت آهي، اھڙن خيال جو اظھار سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي پاران پريس ڪلب نوشھرو فيروز ۾ شاخ ابڙان ۽ نوشھرو فيروز پاران رکيل آجياڻي واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو، ھن وڌيڪ چيو ته مان جڏھن سيڪريٽري جنرل جي اليڪشن جو اميد وار بيٺو ھيس ته ڪجھه دوست چون پيا ته مان سنڌي ادبي سنگت کي ھلائي نه سگھندس، ان ڪري مون مٿان اھو فرض ٿو ٿئي ته مان گھڻي کان گھڻو ڪم ڪري انھن دوست جي ان ڳالھ کي غلط ثابت ڪريان جنھن ڪري مون ۽ منھنجي ٽيم سنڌ ڌرتي جي ھر ڪنڊڪڇ ۾ سنگت جي قائم شاخن کي متحرڪ ڪرڻ جو وچن ڪيو آھي، اڄ ابڙان ۽ نوشهروفيروز سنگت جي شاخن اسان جي مرڪزي باڊي کي آجياڻو ڏئي پنھنجو فرض نڀايو آھي، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي شبيرسيال چيو ته ڪافي سالن تائين سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻن حصن ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري ھاڻي تازو مارچ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ھڪ ٿيڻ کانپوءِ اسان جي مرڪزي باڊي جي چونڊجي اچڻ کانپوءِ اسان شاخن ۾ ضلع رابطا سيڪريٽرين جي جوڙيل ڪاميٽين پاران ڪرا يل چونڊن کي سموري سنڌ ۾ اڪثرشاخن قبول ڪيو آھي، ھڪ اڌ جاين تي شاخن جي دوستن جا ڪجھه مسئلا آھن جيڪي پڻ اسان جي مرڪزي باڊي سيڪريٽري جنرل جي اڳواڻي ۾ حل ڪري وٺندي، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر اياز لطيف ڌايو چيو ته سنگت جي ڪارڪن کي جس آھي، ھن چيو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ اڄ به ايشيا اندر اديبن جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي تنظيم آھي ابڙان شاخ ۽ نوشھرو فيروز شاخ سنڌ جي بھترين شاخن ۾ لکيون وڃن ٿيون، سنڌ ي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ناليواري اديب يوسف سنڌي چيو ته موجوده مرڪزي باڊي کي سنگت ۾ قائم انهن شاخن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي، تقريب کي ناليوارن اديبن رئوف پارس ڌايو،حاجي عبدالله شاد جلباڻي ،گهوٽڪي جي رابطا سيڪريٽري سڪندر اوڳاهي، رضا لانگاهه اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، اڳوڻي مرڪزي  آڊيٽر مظهرخاصخيلي، ڀريا شاخ جي سيڪريٽري راڻا شير محمد، مٺياڻي شاخ جي سڪريٽري سيد جعفرشاهه، ٺاروشاهه شاخ جي سيڪريٽري شاهدراڄپر، لاکاروڊ شاخ جي سيڪريٽري نورمحمدناز شر، لاهاڻي شاخ جي شريف سومرو نوان جتوئي جي سڪندرجروار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته نوجوان ضامن حيدر،محرم چنو،جعفرشاهه پنهنجي شاعري ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي.