ڳالهيون ڳنوارن جون … تاج بلوچ ۽ ڪريم بلوچ – سنڌ جا ٻه عظيم آرٽسٽ

0
26
ڳالهيون ڳنوارن جون ... تاج بلوچ ۽ ڪريم بلوچ - سنڌ جا ٻه عظيم آرٽسٽ

ماضي وسرندو ڪونهي. ڏڍِ وانگر پيو پوسرندو آهي. غمناڪ گهڙين جي طويل سنگهر ۾ ڪا خوشيءَ جي ڪڙي به لوهار کان لپيٽجي ويندي آهي. ڪراچي جنهن جون،

جهرمر جهرمر راتڙيون، رنگارنگي ٽوهه،

ڇلنديون وڃن ڇوڪريون، ڇولين وانگر ڇوهه،

هلندي هلندي هوٿريون، لڏندي ڏين لوهه،

نهارن ٿيون ناز مان، جيئين وجهي جوهه،

هينئڙو کسي ٿيون وڃن، ڍولڻ ڏيئي ڊوهه،

وڃي وسڪيو روح، ههڙي پسي حال کي. (م.ب)

                 سنڌي سٻاجهڙن کي ڀانءِ ڪونه پيون. هي نماڻا ڪراچي ۾ ويڳاڻا نظر ايندا هئا. ڏينهن چمڪندڙ اکڙين، ڊگهن وارن ۽ گهائيندڙ گهورن ڏانهن ڏسندي گذري ويندو هو. رات جو طارق روڊ تي مرڪيوري بلبن جي روشني ۾، رنگارنگي پوشاڪن ۾ ملبوس جرڪندڙ جوانيون ڏسي ۽ الهڙ البيليون ادائون پسي ماستر چندر جو گيت زبان تي اچي ويندو هو:

دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳوليان،

بازارِ حسن ۾ ٿو طلبگار کي ڳوليان.

                 جڏهن گهر پهچبو هو ته جيجل امان جا جهارا ياد اچي ويندا هئا. سنڌي سٻاجهڙن لاءِ ڪراچي ۾ وڏي ۾ وڏو رهائش جو مسئلو هو. سو ڳالهه پئي ڪيم ته جڏهن خان محمد پنهور گارڊن ويسٽ جي هڪ ننڍڙي ڪوارٽر ۾ وٺي آيو ته، اتي رهندڙ مٺڙي موري جي مورائن قمر مورائي ۽ سڪندر زمان ميمڻ وارن ڀاڪرن ۾ کڻي ڀريو ۽ سيني سان لائي پاڻ سان گڏ رهڻ جي صلاح ڪئي. منهنجي مشڪل ڪي قدر آسان ٿي. دل ئي دل ۾ رهائش جو مسئلو حل ٿيندي ڏسي، مون خان محمد پنهور جا ٿورا مڃيا. هي همراهه هوٽل تي ماني کائيندا هئا. منهنجي زور ڀرڻ تي رڌ پچاءُ گهر ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ماني پچائڻ جيئن ته ڏکيو ڪم سمجهيو ويو، اهو مون تي رکيو ويو. سڪندر ٻوڙ چاڙهيندو هو. ڪارو ٿانوَ مليندو هو. چانهن ڪاڙهڻ جو ڪم قمر ميمڻ جي حوالي ٿيل هو. ٻوڙ سڪندر ڀلي رڌيندو هو. آئون ٻاروچاڻا روٽ پچائي اڳيان رکندو هوسانِ. ميمڻ ويچارا ڪچي پنڊي، پاپڙ جهڙين سنهين مانين کائڻ جا هيراڪ، مجبوري ۾ روٽلا کائيندا به هئا ته ڳوڙها به پيا ڳاڙيندا هئا. پوءِ به گهر جي ماني هوٽل جي ماني کان هر حال ۾ بهتر هئي.

اڳتي ڇا ٿيو. ٿيو ٻيو ڏينهن. آئون آفيس مان ڪم ڪار پورو ڪري “سوجهرو” جي آفيس آيس. تاج بلوچ وڏي شاهي ٽيبل جي پويان روالونگ چيئر تي جهومندي مون ڏانهن نهاري چيو، “اچي وئين ڄٽ”. آئون مسڪرائي سامهون ويهي رهيس. پاسي واري ڪرسيءَ تي قربان جعفري، شميم جي تجريدي آرٽ وارا اسڪيچ تاج سان شيئر ڪري رهيو هو. تاج مون ڏانهن ست اٺ اخباري ڪاغذ وارا سادا پنا سرڪائيندي چيو، جلدي آرٽيڪل لکي وٺ، رسالو پريس ۾ ڪمپوزنگ لاءِ پيو وڃي. آئون ٻهراڙيءَ جو ماڻهو. گهمندڙ ڦرندڙ رولاڪ. ڪاڇو، ڪوهستان ۽ لاڙ اٺن ۽ گهوڙن تي چڙهي گهميل. اهي سڀ نظارا اکين آڏو ڦري آيا. مون ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ ٻهراڙي جي ماڻهن ۽ سماجي حالتن تي مضمون لکي، تاج جي حوالي ڪيو. هن اشراف جيئن جو تيئن پريس موڪلي ڇڏيو.

شام ٿي چڪي هئي. ٽي وي تي مشاعرو يا ڪو مذاڪرو هو. تاج ٽي وي اسٽيشن هلڻ جي صلاح ڪئي. اسين ٻئي تاج جي ويسپا موٽر سائيڪل تي چڙهي ٽي وي اسٽيشن پهتاسين. ڪريم بلوچ اسٽيشن مئنيجر هو. ان سان واقفيت ٿي. ان دور ۾ اٻوجهه سنڌين جون هڪ ٻئي سان همدرديون گهڻيون هونديون هيون. پنهنجائپ وارو پيار ڏبو ۽ وٺبو هو.

ڪريم بلوچ ڪوٽڙيءَ جي رند قبيلي جو حسين شهزادو جوان هو. هنن جو گهراڻو ادب ۽ آرٽ کان مشهور هو. ساقي اردو فلمن جو لاثاني اداڪار هو. هو سنڌي، اردو، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو زبانون ڄاڻندو هو. هن جو نالو ئي فلم جي ڪاميابي جي سند سمجهيو ويندو هو. آئون هن جون ڪيئي فلمون ڏسي چڪو هوس. ٻيو هو علي بابا، سنڌ جو تمام وڏو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس هو. هن سان حيدرآباد واري ڪيفي جارج ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون. ڪيفي جارج سنڌي اديبن ۽ شاعرن جو هيڊ ڪوارٽر مشهور هو. هتي عبدالحق عالماڻي، منير احمد ماڻڪ، علي بابا، شوڪت حسين شورو، مدد علي سنڌي، امداد حسيني، اسلم لغاري ۽ ٻيا اديب ايندا هئا. ڪهاڻي ۽ ناول تي بحث مباحثا ٿيندا هئا. اديب هڪ ٻئي کان اتساهه وٺندا هئا. ڏات سراڻ تي چڙهندي هئي. اهو دور ڀلين سنڌي ڪهاڻين ۽ ناولن جي لکجڻ جو دور هو.

خير، هتي ڪراچي ٽي وي تي ڪريم بلوچ سان ملي ڪوٽڙي بندر جا نظارا ۽ ٿڌيون هوائون ياد اچي ويون. ٽي وي اسٽيشن جي ٿڌي ڪمري ۾ ڪريم بلوچ سان ملندي، انهن ٿڌين هوائن جو ساءُ ۽ ٿڌاڻ محصوص ٿيڻ لڳي. مون سوچيو ته تاج بلوچ مونکي ڪهڙي نه ٿڌي وڻ جي ڇانوَ ۾ اچي ويهاريو آهي، جيڪو پاڻ سج جي باهه جهڙي تپش سهي ويٺلن کي ٿڌڪار ۽ راحت پهچائي رهيو آهي.

ڪريم بلوچ فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ ٽي وي اسٽيشن جا دروازا کولي ڇڏيا هئا. تاج بلوچ ٽي وي جون خبرون لکڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جو پارٽ ٽائيم جاب به ڪندو هو ۽ مشاعرن ۽ مذاڪرن ۾ ميزبان ٿي پروگرام رڪارڊ ڪرائيندو هو. ان ڏينهن به اهڙي ئي هڪ مذاڪري ۾ مونکي به هلي ويهاريائين. مذاڪري کان پوءِ اڍائن سون جو چيڪ مليو. اها منهنجي پهرين مراد ۽ ٻهڻي هئي. اها هئي ان دور جي ادبي دنيا.