لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ مصري جتوئي جي رهواسي عورتن مائي ڀانا جتوئي پنهنجي ننهرن سڪينه خاتون، ثمينه خاتون، پوٽن رحمت الله، توفيق، رفيق جتوئي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته پوليس گهر مٿان چڙهائي ڪري بيگناهه منهنجي پٽن وسيم جتوئي، امام بخش جتوئي ۽ علي گل جتوئي کي گرفتار ڪري گهر ۾ پيل 2 لک روپيه روڪ رقم، اڌ تولو سونا زيور، 3 موبائيل فونون ۽ قيمتي سامان کڻي وئي، پيرسن عورت چيو ته منهنجي ٽن مان هڪ پٽ پٽ امام بخش جتوئي مٿان سچل ٿاڻي تي ڦر جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، خدشو آهي ته پوليس ٻن پٽن مٿان به ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين فل فراءِ يا هاف فراءِ ڪندي جن جي زندگين کي پڻ سخت خطرو آهي.هنن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته کنڀي گم ڪيل ٻنهي پٽن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڦرلٽ ڪيل روڪ رقم، سونا زيور، موبائيل فونون ۽ قيمتي سامان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.