لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ بئريسٽر جان محمد جوڻيجو يادگار ڪاميٽيءَ طرفان ھجرت تحريڪ جي سرواڻ بئريسٽر جان محمد خان جوڻيجو جي 103 ٽين ورسي ۽ بئريسٽر بابت نوجوان ليکڪ محمد عثمان جوڻيجو جو سھيڙيل ڪتاب “ھجرت تحريڪ جو سرواڻ”  جي مھورتي تقريب بيگم نصرت ڀٽو ھال ۾ ٿي گذري. جنهن جي شروعات ۾ شاعرن سميع ساجد جوڻيجو، اوشاق علي آگاڻي ۽ ارشاد آڪاش شاعريءَ ذريعي بئريسٽر جان محمد جوڻيجو کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ اديب غلام مصطفيٰ ڦل چيو ته بر صغير ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اھڙيون لڪل شخصيتون آھن، جن جي ڪيل خدمتن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آھي، تقريب جي خاص مھمان ميئر انور علي نواز خان لھر چيو ته مون کي خوشي ٿي آھي جو ھڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو اڳ جي شخصيت کي ياد ڪري، اڄ جي نوجوانن کي انهيءَ بابت ڄاڻ ڏني پئي وڃي. خاص مھمان طور بئريسٽر جان محمد خان جوڻيجو جي پوٽي ۽ سماجي شخصيت حاجي مظھر علي خان جوڻيجو چيو ته بئريسٽر جان محمد ھڪ ادارو ھو. ھن انيڪ سياسي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون. عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر بدر ڌامراھو چيو ته جتي مفتوحن اسان جي تاريخ سان ھاڃا ڪيا آھن اتي اسان به وسان نه گهٽايو آھي ايتري قدر جو بئريسٽر جي جنم جي تاريخ به ڏھن ڪتابن ۾ غلط لکي وئي جنھن کي مون درست ڪرايو. ڪتاب سھيڙيندڙ محمد عثمان جوڻيجو چيو ته مون سالن کان ھي ڪتاب سھيڙيو ھو پر اڄ منھنجو خواب ساڀيان ٿيو آھي. ھن ڪتاب ۾ بئريسٽر بابت سچائيءَ سان مضمونن کي شامل ڪيو اٿم.تقريب جي پڄاڻيءَ تي ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، گل محمد گاد، ڊاڪٽر بدر ڌامراھو، عيسيٰ ميمڻ، مھراڻ ڌامراھو، استاد گل دايو، سميع ساجد جوڻيجو، خاور قبولائي، شاڪر حسين راٺوڙ سميت عالمن، اديبن، استادن ۽ شاگردن کي “بئريسٽر جان محمد جوڻيجو ايوارڊ” ڏنو ويو جنهن ۾ ڪيترن ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد ۽ استاد پڻ شامل هئا. جڏھن ته سر شاھنواز ڀٽو لائبريري کي پڻ ايوارڊ ڏنو ويو جيڪو لائبريريءَ جي ڊائريڪٽر شمس الدين ڪلھوڙي وصول ڪيو