پي ٽي آءِ باني 9 مئي تي عوام کي گمراهه ڪيو: شرجيل ميمڻ

0
31
پي ٽي آءِ باني 9 مئي تي عوام کي گمراهه ڪيو: شرجيل ميمڻ
پي ٽي آءِ باني 9 مئي تي عوام کي گمراهه ڪيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي باني عوام کي گمراهه ڪيو، جيڪڏهن ڪو ليڊر اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ عوام کي بيوقوف بڻائي ته ان جي ڳالهه نه ٻڌي وڃي، 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي

ملير هالٽ ۾ ريڊ لائين منصوبي تي هلندڙ ڪم جو معائنو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو تهڪراچي ۾ بسز ۽  ايمبولينسز کي ساڙيو ويو، جناح هائوس کي نقصان پهچايو ويو، جن معصوم ٻارن کي پي ٽي آءِ باني استعمال ڪيو، اهي جيلن ۾ آهن، اهو سبق آهي ته ڪو به ليڊر تشدد جي ترغيب ڏي ته ان تي عملدرآمد نه ڪيو وڃي، اسان وفاق ۾ ناهيون

هن چيو ته حڪومت کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪي رهيا آهيون، جيڪو به ڪم ملڪ جي مفاد۾ هوندو، ان ۾ پ پ گڏ هوندي، پاڪستان هاڻي صحيح رستي تي وڃي رهيو آهي، سي اي سي جيڪي فيصلا ڪيا، اسان انهن ئي فيصلن  تي عمل ڪري رهيا آهيون

شرجيل ميمڻ چيو ته اسان ملڪي مفاد جي ڪم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏينداسين، نگران حڪومت اکيون بند ڪري سمهي پئي هئي، ٽرانسپورٽ کاتو اڄ به ڪم ڪري رهيو آهي، اسان ييلو لائين بي آر ٽي تي به ڪم شروع ڪيو آهي

هن چيو ته ڪجهه ماڻهو مايوسي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ سوشل ميڊيا تي منفي خبرون ڏئي رهيا آهن، پيپلز پارٽي جي حڪومت جي پهرين ترجيح عوامي ڀلائي آهي، ريڊ لائين منصوبي تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي

هن چيو ته جناح ايونيو تي انڊر پاس تي به ڪم جاري آهي، ٽرانسپورٽ ڪراچي جي وڏي ضرورت آهي، ريڊ لائين بي آر ٽي وڏو منصوبو آهي، حڪومت جو ڪم عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ٽرانسپورٽ جو شعبو پنهنجي پيرن تي بيهي، شهرين کي عملي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي