راڻيپور (رپورٽ: رضا راڄپر) راڻيپور ويجهو روهڙي ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران 2 نينگر ٻڏي فوت ٿي ويا، لاشن جي ڳولا ۾ مدد نه ڪرڻ تي وارثن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، گهرن ۾ ڪهرام، رپورٽ موجب روهڙي ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران 2 نينگر 12 سالا رھبر علي ۽ شايان علي اسلامي ٻڏي فوت ٿي ويا، اطلاع تي شھري ۽ اسلامي برادري جا ماڻھو وڏي انگ ۾ روهڙي ڪينال تي پهچي ويا، جڏهن ته ڪو به انتظامي عملدار نه پهتو، اسلامي برادري جي ماڻهن لاشن جي ڳولا ۾ مدد نه ڪرڻ تي قومي شاھراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، وارثن معشوق اسلامي، رشيد اسلامي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته نينگر رھبر علي ۽ مهمان ٿي آيل شايان علي اسلامي ٻڏي ويا، انتظاميا ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته اسان مسڪين ماڻهو آهيون، اسان وٽ ايترو پئسو ناهي جو ٽوٻا گهرائي سگهون، هنن نينگرن جا لاش ڳولڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي، اسسٽنٽ ڪمشنر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر کي خط لکيو آھي، جلد ٽوٻا گهرائي لاشن جي ڳولا ڪئي ويندي.