پليجاڻي (ن پ ا) پليجاڻي ۾ سخت گرمي بعد گيسٽرو ۽ مليريا  ڦهلجي وئي، ھڪ ڏينهن ۾ مليريا جا 12 ڪيس ظاھر ٿيا آهن، گرمي سبب   وڏي انگ ۾ گيسٽرو جا مريض اسپتال ڀيڙا ٿي ويا آهن، جڏهن ته انتظاميا  شديد گرمي کان بچاءُ لاءِ ڪي به  اپاءُ  نه  ورتا آھن ۽ نه  مڇر مار اسپري ڪرايو ويو آھي.