سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ويجهو کپرو واهه ۾ نينگر وهنجندي ٻڏي فوت، 4 ڪلاڪن جي ڳولا بعد لاش هٿ، خبر موجب ڳوٺ دليل شر جو رهواسي 8 ورهين جو علي رضا عرف مکڻ خان شر کپرو واهه ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، اطلاع تي وارثن پهچي لاش جي ڳولا ڪئي، 4 ڪلاڪن جي ڳولا بعد نينگر  جو لاش هٿ ڪري ورتو، نينگر  جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.