رپڙي (ن پ ا) رپڙي ويجهو 4 ڄڻا مبينا اغوا، مقابلي بعد بازياب، رقم ڦر، رپورٽ موجب ڪاٺ جي واپاري جمال الدين خواجا، ڪارگو رڪشا ڊرائيور محمد علي خواجا، مزدور غلام ارشد ۽ عبدالسلام خواجا کي ڪچي جي ڳوٺ ارباب شيخ بچاءَ بند وٽ ھٿياربندن يرغمال بڻائي 70 ھزار روڪ رقم، موبائل فون ڦر ڪري ورتا ۽ چئني ڄڻن کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا، اطلاع تي ڳوٺاڻن ۽ پوليس پيڇو ڪري درياهه ڪپ تي مقابلي بعد مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو، واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگهيو.