ٺري ميرواهه (ن پ ا) ٺري ميرواهه جي عدالت ڳوٺ قائم شاهه ۾ 3 سال اڳ ڪارنھن الزام ۾  عورت جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار کي عمر قيد ۽ ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ايڊيشنل سيشن جج ٺري ميرواھ جي عدالت 3 سال اڳ ٺري ميرواھ جي ڳوٺ قائم شاهه ۾ جوابدار غازي جوڳي پاران ڪارنھن الزام ۾ پنھنجي ڌيءُ سيما جوڳي کي ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار غازي جوڳي کي عمر قيد ۽ ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالتي فيصلي بعد جوابدار کي سخت پھري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪيو ويو.