صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ پوليس هڪ جوابدار کي مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب روھڙي روڊ ڀرسان ڳوٺ ڊگھاٽي وٽ گشت دوران 4 هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، جنھن دوران هڪ جوابدار اعجاز علي پٽ مير محمد چانڊيو کي زخمي حالت ۾ گرفتارڪيو، جڏهن ته ٻيا هٿياربند فرار ٿي ويا، پوليس موجب جوابدار وٽان ھڪ پسٽل، 3 گوليون ۽ ھڪ  موٽرسائيڪل ھٿ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب گرفتار جوابدار مختلف ٿاڻن تي ڪيسن ۾ گهربل آهي، هوڏانهن چوٻول آهن ته پوليس جوابدار اعجاز کي گرفتار ڪرڻ بعد هاف فراءِ ڪيو آهي.