جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ڀرسان ڳوٺ عثمان پنهور ۾ 11 مهينا اڳ بجلي جي ڪرنٽ ۾ فوت ٿيل نوجوان گل بهار پنهور جي معاملي جو نبيرو مولاداد ۾ نور الرحمان جکراڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، سرپئنچ ٻنهي ڌرين هادي بخش ڀٽو ۽ خان محمد پنهور جي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون جنهن کانپوءِ سرپئنچ ٻنهي ڌرين جي مشيرن الهيار ڀيو، شجاءُ الله پنهور، احمد خان قمبراڻي سان صلاح مشوري بعد فتويٰ جاري ڪئي فتويٰ موجب نوجوان گل بهار پنهور جي ڪرنٽ ۾ فوت ٿيڻ واري معاملي جو گرڊ اسٽيشن جي انچارج هادي بخش ڀٽو کي ذميوار قرار ڏئي 10 لک ڏنڊ مقرر ڪئي وئي جڏهن ته فوتي جي وارثن پاران گرڊ اسٽيشن انچارج کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪرڻ وارو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 لک ڏنڊ مڙهيو ويو هڪٻئي جي ڏنڊ واري رقم پاڙيو ويو آهي جڏهن ته ڀٽا برادري پنهور برادري ڏانهن ميڙ کڻي ويندو. ياد رهي ته 6 جون تي 2023 تي نوجوان گل بهار پنهور ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو جنهن جي الزام هيٺ فوتي جي وارثن 13 جولائي 2023 تي گرڊ اسٽيشن جي انچارج هادي بخش ڀٽو کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو.