ڪنري (ن پ ا) عمرڪوٽ ڀرسان ڇاڇرو روڊ تي ڳوٺ وسايو جي ڍاڻي جو رھواسي 13سالن جو ھريش پٽ ساجن ڀيل سامارو روڊ ڀرسان نبي سر واه ۾ وھنجندي ٻُڏي ويو،  ڀرپاسي جي ماڻھن نبي سر واهه مان نينگر کي ڳولي ورتو،جتان سامارو پوليس ۽ وارث نينگر کي سامارو تعلقي اسپتال پھچايو، جتي ڊاڪٽر پاران ھريش ڀيل جي اڳ ۾ ئي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي، فوتي جي ماءُ ڪريمان ۽ مامي نارو ڀيل ٻڌايو ته اسان سامارو شھر ۾ بيمار ڇوڪري جو اعلاج ڪرائڻ لاءِ آيا ھئاسين، واپسي سامارو روڊ شھر پٿور روڊ جي موري وٽ نبي سر واهه تي وھنجڻ لاءِ  لٿاسين، جتي نينگر ھريش به وھنجڻ لاءَ لٿو ته ھو ٻڏي ويو .ٻئي پاسي فوتي نينگر جا وارث سامارو اسپتال مان تعلقا اسپتال جي ايمبولينس ۾ لاش کڻائي عمرڪوٽ ڀرسان ڇاڇرو روڊ تي ڳوٺ وسايو جي ڍاڻي لاءِ روانا ٿي ويا.