مدئجي (خاص نمائندو) مدئجي ويجهو رائيس ڪئنال ۾ نامعلوم نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو آھي،رائيس ڪينال ۾ نامعلوم نوجوان جو لاش لڙھندي ڏسي ڳوٺاڻن مدئجي پوليس کي اطلاع ڏنو،اطلاع ملڻ بعد مدئجي پوليس رائيس ڪئنال مان لاش ڪڍي مدئجي اسپتال پھچايو آھي،جڏھن ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي،لاش مدئجي اسپتال ۾ پيل آھي,پوليس ٻڌايو ته لاش پاڻي ۾ ھجڻ ڪري سجهي ويو آھي نوجوان جي عمر اٽڪل 20 سال جي اندر آھي ۽ هن وقت تائين سندن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي.لاش لاوارث حالت ۾ ايدهي شڪارپور حوالي ڪيو ويو.