ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي بي سيڪشن ٿاڻي ڀرسان گلشن سليم ڪالوني ۾ 25 ورهين جي  نوجوان بابو پٽ سوچي ڀيل جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو،  پوليس جو چوڻ هو ته  واقعو خودڪشي لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.