اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهشمند پارٽيءَ سان معاملا اڳتي وڌي نه ٿا سگهن: خورشيد شاهه

0
28
اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهشمند پارٽيءَ سان معاملا اڳتي وڌي نه ٿا سگهن: خورشيد شاهه
اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهشمند پارٽيءَ سان معاملا اڳتي وڌي نه ٿا سگهن: خورشيد شاهه

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهشمند پارٽيءَ سان معاملا اڳتي وڌي نه ٿا سگهن، معاملن کي سڌارڻ جو هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو پارليامينٽ آهي

 پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدليه سان ظلم پاڻ عدليه شروع ڪيو ۽ هاڻي عدليه کي ئي اهو ختم ڪرڻو پوندو، جيڪو بهتر فيصلو ڪندو اهو ئي عوام جي نظر ۾ معتبر ٿيندو

هن چيو ته ان تي تنقيد نه ٿيندي، ملڪ جي اعليٰ ترين عدليه اڪيلي فرد جي حڪم کي متفقه آئين تي ترجيح ڏني، آمرن کي آئين کان مٿانهون تحفظ ڏيڻ سان جمهوريت کي اسرڻ جو موقعو نه مليو

خورشيد شاهه چيو ته سڀني کي گڏجي ويهي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، اسان پهرين پي ٽي آءِ کي حڪومت سازي جي دعوت ڏني جيڪا هنن رد ڪري ڇڏي