ڪرغزستان مان سنڌ واسي 205 شاگرد ڪراچي پهچي ويا

0
33
ڪرغزستان مان سنڌ واسي 205 شاگرد ڪراچي پهچي ويا
ڪرغزستان مان سنڌ واسي 205 شاگرد ڪراچي پهچي ويا

ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪڪ مان سنڌ واسي 205 شاگرد پي آءِ اي جي پهرين اڏام ذريعي ڪراچي پهچي ويا

 وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ايئرپورٽ پهچي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي آجيان ڪئي، واپس آيل شاگردن ۾ 55 شاگردياڻيون شامل، بشڪڪ مان واپس پهتل شاگردن مان 99 جو تعلق ڪراچي ۽ باقي جو ٻين ضلعن سان آهي

 وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ جا 180 شاگرد اڃا تائين بشڪڪ ۾ موجود آهن، جن ۾ 6 معمولي زخمي شاگرد به شامل آهن

وڏي وزير جو چوڻ هو ته رهيل شاگردن جي واپسيءَ لاءِ سنڌ سرڪار خصوصي جهاز اماڻڻ جو سوچي رهي آهي، وفاقي سرڪار ۽ ٻين ادارن سان به رابطي ۾ آهيون

وڏي وزير چيو ته بشڪڪ مان واپس آيل شاگردن جي تعليم جاري رکڻ بابت به قدم کڻنداسين، وفاقي سرڪار سان ان سلسلي ۾ مشاورت هلي رهي آهي