حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) احتساب عدالت تعليم کاتي ميرپورخاص ۾ غيرقانوني استاد ڀرتي ڪري سندن جعلي آڊيز ذريعي ڪروڙين رپيا خرد برد ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد اڳوڻن ڊي اي اوز ۽ خزاني آفيس جي عملدارن سميت 15 جوابدارن جي ضمانت واري درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي سندن پڪي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. عبوري ضمانت ڪرائيندڙ اڳوڻي ڊي اي او ميرپورخاص سيما ٽالپر، خزاني آفيس ميرپورخاص جو اڳوڻو اي ڊي او محمد عالم سومرو، محمد اقبال خان، محمد يوسف، سيد محمد ذوالفقار علي، الهداد، سعيد الرحمان، فهيم حيدر ميمڻ، مسمات نسيم اختر، مسمات خديجه ميمڻ، محمد فيصل پنهور، ڪانجهي مل، خدا بخش لاشاري، حاتم اڄڻ ۽ سيد اياز الحسن شاهه سميت 15 ڄڻن وڪيلن عشرت علي لوهر، عارف ڪلر، رياضت علي سيهڙ ۽ ٻين معرفت پڪي ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيلن جا دليل ڏنا ته ڄاڻايل ڪيس مان ڪجهه عرصو اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ تعليم کاتي جي اڳوڻي ڊي اي او بچو مل ۽ خزاني آفيس جي عملدارن محمد محسن، انور علي ۽ نديم شيخ سميت 4 ڄڻن جي ضمانت منظور ڪئي هئي. ڄاڻايل جوابدار به ضمانت جا حقدار آهن.  عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد 15 ئي جوابدارن جي 5-5 لک رپين جي مچلڪن عيوض پڪي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو.