ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه جي پٽ مهراڻ شاهه کان گهر خالي ڪرائڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي سي ملير، اي سي ابراهيم حيدري، ايم اين اي آغا رفيع الله ۽ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو، مهراڻ شاهه  درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته مهراڻ شاهه پاڪستان فشر فوڪ جو چيئرمين ۽ پي ايس 87 تي نواز ليگ جو اميدوار رهيو آهي،  هو ماهيگيرن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو آهي،  تازو 8 مئي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري سياسي انتقام تحت سندس گهر جو گهيرو ڪري گهر خالي ڪرڻ لاءِ ڌمڪايو، اسانکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.