دادو (رپورٽر ) خدآباد ڀرسان ڳوٺ پارو جو کوھ ۾ هٿياربند فائرنگ ڪري نوجوان شهزادو پٽ عبدالله چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻئي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان  ضروري ڪارروائي بعد  لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي چاچي بهاول چانڊيو ۽ ٻين وارثن جو چوڻ هو ته سڱاوتي تڪرار تان جوابدار بندوقن ۽ پسٽل جا فائر ڪري 30 سالن جي نوجوان شهزادو کي قتل ڪيو آهي، سندن چوڻ هو ته  ساڳين ئي جوابدارن 4 سال اڳ پڻ مقتول جي سئوٽ ڪزبانو کي قتل ڪيو هو، واقعي جي ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود خدآباد پوليس 4 ، سالن ۾ هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي، جوابدارن وري حملو ڪري اسان جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.