يورپ جي ٽن ملڪن اسپين، آئرلينڊ ۽ ناروي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
32

ٽنهي ملڪن پاران فلسطين کي 28 مئي تي آزاد رياست تسليم ڪيو ويندو، اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز پارليامينٽ کي خطاب دوران فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو

پارليامينٽ جا ميمبرز سيٽن تان اٿي بيهي رهيا ۽ ڪيتري ئي دير تائين تاڙيون وڄائيندا رهيا، ناروي جي وزيراعظم جوناس ۽ آئرلينڊ جي وزيراعظم سائمن هيرس به چيو آهي ته 28 مئي تي فلسطيني رياست کي تسليم ڪنداسين

ٽنهي يورپي سربراهن جو چوڻ آهي ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ تائين وچ اوڀر ۾ امن قائم ٿي نه ٿو سگهي، اسرائيل ناروي ۽ آئرلينڊ مان پنهنجن سفيرن کي واپس گهرائي ورتو

اسرائيل جي قومي سلامتي جي وزير بن گوير چيو آهي ته فلسطيني رياست جي باري ۾ ڪنهن کي بيان جاري ڪرڻ جي به اجازت نه ڏينداسين

گڏيل قومن 193 ميمبر ملڪن مان 140 ملڪ فلسطيني رياست کي تسليم ڪري چڪا آهن، آمريڪا ۽ برطانيا سميت 53 ملڪن فلسطيني رياست کي اڃا تسليم نه ڪيو آهي