لوڊشيڊنگ سبب ڪو شهري مري پيو ته ڪي اليڪٽرڪ تي ڪيس داخل ڪرائينداسين: صوبائي وزير ناصر شاهه

0
28
لوڊشيڊنگ سبب ڪو شهري مري پيو ته ڪي اليڪٽرڪ تي ڪيس داخل ڪرائينداسين: صوبائي وزير ناصر شاهه
لوڊشيڊنگ سبب ڪو شهري مري پيو ته ڪي اليڪٽرڪ تي ڪيس داخل ڪرائينداسين: صوبائي وزير ناصر شاهه

هيٽ ويو دوران بجليءَ جي لوڊشيڊنگ سبب ڪو شهري مري پيو ته ڪي اليڪٽرڪ تي ڪيس داخل ڪرائينداسين: صوبائي وزير ناصر شاهه جو سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جا جواب ڏيڻ دوران چتاءُ

ناصر شاهه چيو ته صوبي ۾ 22 کان 27 مئي تائين هيٽ ويو جاري رهندي، گرميءَ جي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان قدم کنيا آهن، سمورن کاتن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

ميمبرز جي سوالن جا جواب ڏيندي ناصر شاهه چيو ته ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، اسان وڏي وزير سان گڏجي ان بابت وفاقي حڪومت سان به ڳالهيون ڪيون آهن

عالمي بينڪ جي سهڪار سان 2 لک گهرن لاءِ سولر پروگرام شروع ڪيو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيتريون ئي عمارتون سولر پينل تي آهن، وڌيڪ ڪم جاري آهي