قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل

0
46
قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل
قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل

ميرپورماٿيلو ۾ قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل، نصرالله گڏاڻي کي ايئر ايمبولينس وسيلي رحيم يار خان اسپتال کان ڪراچي نيو ويو

ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ سرڪاري خرچ تي سندس علاج ڪرايو ويندو، سنڌ سرڪار صحافي نصرالله گڏاڻي جي علاج لاءِ نجي اسپتال کي خط لکي ڇڏيو، وڏي وزير جي هدايت تي اُماڻيل خط ۾ چيو ويو آهي ته صحافي نصر الله گڏاڻي جي علاج جو سمورو خرچ حڪومت ڀريندي،

ميرپور ماٿيلو پوليس صحافي تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافين جو احتجاج، ميرپور ماٿيلو، سکر، گمبٽ، خانپور مهر، هنڱورجا، مانجهند، ڪنڌڪوٽ، ڄامشورو ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا، گذريل ڏينهن هٿياربندن فائرنگ ڪري صحافي نصر الله گڏاڻي کي زخمي ڪيو هو..