پاڪستان ريلوي عيدالفطر جي ٽن ڏينهن لاءِ ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
56
پاڪستان ريلوي عيدالفطر جي ٽن ڏينهن لاءِ ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو
پاڪستان ريلوي عيدالفطر جي ٽن ڏينهن لاءِ ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان ريلوي عيدالفطر جي ٽن ڏينهن لاءِ ڀاڙن ۾ 25 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، ريلوي ترجمان موجب ڀاڙن ۾ رعايت مسافر ٽرينن جي سمورن ڪلاسن لاءِ آهي

ترجمان جو چوڻ آهي ته عيد اسپيشل ٽرينن تي ڀاڙن ۾ رعايت لاڳو نه ٿيندي، واضح رهي ته پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ اڱاري تي نظر اچڻ جا چٽا امڪان آهن

موسميات کاتي جي ماهرن موجب چنڊ جي عمر اڄ شام پوري ٿي ويندي جيڪا انساني اکين کي نظر ايندي، جڏهن ته شوال جي چنڊ جو حتمي اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي