شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، ملڪ ۾ عيدالفطر سڀاڻي ٿيندي

0
49
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، ملڪ ۾ عيدالفطر سڀاڻي ٿيندي
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، ملڪ ۾ عيدالفطر سڀاڻي ٿيندي

ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ عيدالفطر سڀاڻي ملهائي ويندي

رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت جي مرڪزي آفيس ڪوهسار بلاڪ ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪئي

اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته ڪراچي، دير، فيصل آباد، اسڪردو ۽ ملڪ جي مختلف علائقن مان چنڊ ​​نظر اچڻ جون شاهديون مليون آهن

هن اعلان ڪيو ته اتفاق راءِ سان پهرين شوال المڪرم 1445 هجري اربع 10 اپريل تي ملهائي ويندي

سڄي ملڪ مان سڌي ريت مرڪزي رويت هلال ڪميٽي کي ڪالز موصول ٿي رهيون آهن ۽ شهرين مرڪزي رويت هلال ڪميٽي کي چنڊ جون تصويرون ۽ وڊيوز به واٽس اپ ڪيون

ٻئي طرف موسميات کاتي ملڪ ۾ چنڊ نظر اچڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ برطانيا ۽ آسٽريليا سميت ٻين خليجي ملڪن ۾ سڀاڻي عيدالفطر ملهائي ويندي