حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ خوراڪ کاتي کي بدين ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن جي آبادگارن کي 5 ڏينهن دوران بارداڻو فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. بدين ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن جي آبادگارن جمشيد لغاري، عقيل احمد ۽ انور علي بارداڻو فراهم نه ٿيڻ خلاف وڪيل ظفر لغاري معرفت پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ انهن موقف اختيار ڪيو ته سنڌ سرڪار خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سينٽر قائم ڪري آبادگارن کي بارداڻو فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر ٻنهي ضلعن ۾ آبادگارن کي اڃا تائين بارداڻو فراهم ناهي ٿي سگهيو. پٽيشن تي ٻڌڻي جسٽس خادم حسين تنيو ۽ جسٽس سيد يوسف تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. عدالتي حڪم تي فوڊ کاتي جو سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدار به عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته گذريل ٻڌڻي تي لاڳاپيل عدالت سيڪريٽري کي ٻنهي ضلعن ۾ بارداڻي جي فراهمي بابت تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو پر انهن رپورٽ فراهم ناهي ڪئي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان تفصيل ڇو جمع ناهن ڪرايا جنهن تي عملدارن عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪجهه ضلعن مان کين تفصيل مليا آهن ۽ ڪجهه ضلعن مان اڃا تفصيل گڏ ڪرڻا آهن ان ڪري کين مهلت ڏني وڃي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته فوڊ عملدار آبادگارن کي بارداڻو فراهم ڪرڻ بدران مقامي واپارين کي پئسن عيوض فراهم پيا ڪن جنهن تي فوڊ عملدارن عدالت کي آگاهي ڏني ته سندن پاليسي موجب 16 ايڪڙ واري زميندار کي بارداڻي لاءِ 100 بيگ، 50 ايڪڙ کان مٿي زمين رکندڙ زميندارن کي 500 بيگ ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ زمين جي مالڪ کي هڪ هزار بيگ فراهم پيا ڪريون ۽ ڪنهن کي به انهن پئسن عيوض بيگ وڪرو ناهن ڪيا. عدالت عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان لکت ۾ آگاهي ڏيو ته پٽيشنرز کي بارداڻي جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي جنهن تي عملدارن عدالت کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ته هو 5 ڏينهن دوران آبادگارن کي بارداڻو فراهم ڪندا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.