ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي کي بلوچستان سان ملائيندڙ مرڪزي شاهراهن کانسواءِ ٻين رستن ( گهٽ گهيڙن) کي ڪنڊيدار تارون لڳائي بند ڪرڻ جو فيصلو، پوليس ترجمان موجب سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناردرن باءِ پاس جي آسپاس ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڏوهارين جي آمد و رفت کي روڪڻ لاءِ ڪراچي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي نگراني جو نظام لازمي آهي. ڏوهاري ورداتن  کانپوءِ اهي رستا استعمال ڪري فرار ٿي ويندا آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ناردرن باءِ پاس سميت ڪراچي جي ٻين داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪ پوسٽن ۽ باڊي وارن ڪيميرائن سان ليس پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته رستن تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جي حوالي سان جامع منصوبابندي ڪئي وڃي. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته انهن رستن تي پوليس جي مقرري سان شهر ۾ ڏوهن ۾ غير معمولي گهٽتائي جو امڪان آهي. سمورن ضلعن جي پوليس آفيسرن کي گهرجي ته اهي پنهنجي لاڳاپيل ضلعن ۾ هاءِ ويز تي پوليس مقرر ڪري پوليس چوڪيون فعال بڻائين. اجلاس ۾ آر آر ايف، ايسٽ زون، ويسٽ زون، ايڊمن ۽ سي ٽي ڊي جي ڊي آءِ جيز ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي