راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي آئيني حدن کي چڱي نموني ڄاڻون ٿا ۽ ٻين مان به آئين جي پاسداري جي اميد رکون ٿا، آئين ۾ ڄاڻايل اظهار جي آزادي کي پائمال ڪندڙ ٻين تي آڱريون نٿا کڻي سگهن، پاڪستان ايئرفورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو چوڻ هو ته اوهان اسان جي اميدن جو مرڪز، آسمانن جا محافظ ۽ علائقائي ايڪي جا ضامن آهيو، آرمي چيف چيو ته اميد ڪئي وڃي ٿي ته اوهان ڪردار، همت ۽ قابليت جي خوبين سان ڀرپور زندگي گذاريندا. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته اوهان جو عمل نه رڳو اوهان جي ذاتي اخلاقيات پر اداري لاءِ به غير معمولي هوندو، اوهان وطن جي دفاع، عزت ۽ وقار لاءِ قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا. آرمي چيف چيو ته راشد منهاس، سرفراز رفيقي، ايم ايم عالم جهڙا بڻجو جن وطن لاءِ خدمتون ۽ زندگيون پيش ڪيون، اوهان کي جيڪا ذميواري ڏني پئي وڃي ان لاءِ پرعزم رهو ۽ رياست سان وفادار رهو. جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي آئيني حدن کي چڱي نموني ڄاڻيون ٿا ۽ ٻين مان به آئين جي پاسداري مقدم رکڻ جي اميد رکون ٿا، آئين جي آرٽيڪل 19 ۾ اظهار جي آزادي جون حدون ٻڌايون ويون آهن، آئين ۾ ڄاڻايل اظهار جي آزادي کي پائمال ڪندڙ ٻين تي آڱريون نٿا کڻي سگهن. آرمي چيف چيو ته غزا جنگ ان ڳالهه جو تازو مثال آهي ته جنگيون ڪهڙا ڪهڙا مسئلا آڻي سگهن ٿيون، هن چيو ته غزا ۾ پوڙهن، عورتن ۽ ٻارن جو انڌاڌند قتل ثبوت آهي ته دنيا ۾ تشدد وڌي رهيو آهي. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته والاريل ڪشمير تي ڀارت ناجائز قبضو ڪيو آهي ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي دنيا جي خاموشي آزادي جي آواز کي دٻائي نٿي سگهي. آرمي چيف چيو ته اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، هميشه ياد رکو ته حق طاقت آهي، جڏهن ته باطل ڪڏهن طاقتور نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته هٿيارن جي ڊوڙ سان اسان جي خطي ۾ طاقت جو توازن به بگڙڻ جو امڪان آهي. آرمي چيف پاس ٿيل ڪيڊٽس کي پيشيوراڻي مهارت ۽ بهادري جي روايت کي قائم رکڻ جون هدايتون ڪندي چيو ته عسڪري قيادت اميد ڪري ٿي ته اوهان بهترين جذبو قائم رکندا.