اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز جي روڪٿام ۽ جعلي اڪائونٽس ذريعي الزام لڳائيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لا ڊجيٽل رائيٽس نالي قانون آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سڌسماءَ جي وزير عطا تارڙ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي آن لائين حراسمينٽ خلاف ٽرينڊ سامهون آيو ان لاءِ ڪو ادارو هجڻ گهرجي، ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم روڪڻ ۾ اسپيشل ناهي، ڊجيٽل رائيٽس جي تحفظ لاءِ تجويزون ڏنيون وڃن ، ڪنهن جو چهرو لڳائي وڊيو وائرل ڪيو وڃي ٿو، ڊجيٽل رائيٽس جي تحفظ  لاءِ ايف آءِ اي فورم نه آھي. هن چيو ته ميڊيا سوڌو سمورا اسٽيڪ هولڊرز تجويزون ڏين، اظهار راءِ جي تحفظ جي ڳالھه ٿيڻ گهرجي دنيا ۾ ان لاءِ حدون مقرر آھن، اڄڪلھه آن لائين ڌمڪيون ڏنيون ويون آھن، فيڪ اڪائونٽ ٺاهي ڌمڪيون ڏيندڙن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، هوڏانهن وفاقي حڪومت ڊجيٽل حقن جي تحفظ لاءِ قانونسازي لاءِ ابتدائي مسودو تيار ڪري ورتو آھي، ذريعن ٻڌايو آهي ته وزير اعظم شهباز شريف سان قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ۽ وزير اطلاعات عطا تارڙ ملاقات ڪئي. وزير اعظم ٻنهي وفاقي وزيرن سان ڊجيٽل حقن جي تحفظ تي بل آڻڻ متعلق مشاورت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل حقن جي تحفظ متعلق قانونسازي لاءِ مسودو تيار ڪيو ويو آهي، بل جلد پارليمينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي، سائبر ڪرائم ونگ، ڊجيٽل رائٽس جي خلاف ورزي روڪڻ جي لاءِ موزون فورم ناهن. ان ڪري حڪومت ڊجيٽل حقن جي تحفظ لاءِ پارليمينٽ ذريعي قانونسازي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.